بدين )رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين ضلعي جا ٻن قومي اسيمبلي ۽ پنجن صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي چونڊيل نمائندا 20 لک کان مٿي آبادي رکندڙ بدين ضلعي جي 68 يونين ڪائونسلن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام رھيا، بدين مان امن جو پکي اڏامي ويو، ڌاڙن، ڦرن ۽ چورين جو راڄ رھيو، پوليس ۽ چونڊيل نمائندن جي ڳٺ جوڙ سبب عوام سخت پريشان ضلعي ۾ رشوت جي بازارگرم رھي، پنجن سالن جي اقتداري عرصي ۾ ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، سرڪاري زمينن تي رڪارڊ قبضا ٿيندا رھيا، بدين ضلعي جي عوام پاران لڳايل بجلي جي بلن، انڪم ٽيڪس توڙي روز مرهه جي واھپي وارين شين جي مد ۾ 100 سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻ باوجود ضلعي جي آبادي بنيادي سھولتن تعليم صحت پيئڻ جي صاف پاڻي سوئي گئيس بجلي صفائي روڊن رستن روزگار سميت گھربل بنيادي سھولتن کان محروم رھي، ضلعي بدين ۾ چورين، ڦرن، ڌاڙن ۽اغوائن جا واقعا ٿيندا رھيا پوليس جو راڄ رھيو چونڊيل نمائنده پوليس ذريعي صرف سياسي مخالفن کي چٿڻ ۽ ھيسائڻ سان گڏوگڏ ڪرپشن ڪري پنھنجا اثاثا وڌائڻ واري ڪوششن ۾ مصروف رھيا، انھي حوالي سان پنھنجي اخبار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب سال 2018ع جي اليڪشن ۾ چونڊجي آيل گذريل پنجن سالن ۾ ضلعي بدين جي ٻن قومي اسيمبلي جي تڪن مان ھڪ تڪ اين اي 224 جيڪو ماتلي تلھار ۽ٽنڊو باگو تي مشتمل آھي، جنھن تي پيپلز پارٽي جي نامزد ڪيل اميدوار مير غلام علي ٽالپر جي ڊي اي ۽ مرزا گروپ جي گڏيل اميدوار اڳوڻي گھرو وزير ڊاڪٽر ذلفقار مرزا جي پٽ حسام مرزا کي ھارائي ڪاميابي ماڻي ھئي ۽ ٻيو قومي اسيمبلي جو تڪ اين اي 225 بدين جيڪو شھيد فاضل راھو (گولاڙچي) بدين ۽ ڪجھه ٽنڊو باگي جي يونين ڪائونسلن تي مشتمل آھي، جنھن تان بيٺل اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر نالي واري سياستدان ڊاڪٽر فھميده مرزا جي ڊي اي ۽ مرزا گروپ جي گڏيل اميدوار پيپلز پارٽي جي بيھاريل اميدوار حاجي رسول چانڊيو کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿي ھئي. بدين واري قومي اسيمبلي واري تڪ اين اي 225 تان ڪامياب ٿيل ڊاڪٽر فھميده مرزا پنج سالن دوران پنھنجي تڪ جي ماڻھن کي بلڪل وساري پنھنجي تڪ جي ماڻھن کي ٽائيم ڏيڻ بدران اسلام آباد ۽ ڪراچي کي وڃي وسايو، جڏھن ته قومي اسيمبلي جي ٻئي تڪ اين اي 224 تان پيپلز پارٽي جي ڪامياب ٿيل اميدوار مير غلام علي ٽالپر کي به پيپلز پارٽي پاران لفٽ نه ملڻ سبب پنھنجي تڪ ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام رھيو، جڏھن ته پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ پاران بدين ضلعي ۾ سندن سياسي مخالف ڊاڪٽر ذولفقار مرزا کي منھن ڏيڻ ۽ بدين ضلعي کي پ پ جو ڳڙهه بنائڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ وزير اعليٰ جا اسپيشل صلاحڪار، خاص صلاحڪار توڙي وزير مشير به مقرر ڪيا پر بدين ضلعي ۾ پنجن سالن اندر پ پ حڪومت پاران ڪو خاص ترقياتي ڪم نه ٿيو، قومي اسيمبلي جي چونڊيل نمائندن ضلعي ۾ روڊن رستن بجلي جي اسڪيمن توڙي سالن کان رھيل لاڙ ڪيمپس يونيورسٽي جو ڪم جنھن جي تقريبن ھڪ سئو ايڪڙ زمين ھئڻ سان گڏ بجيٽ ۾ رکيل پيسن جي باوجود ڪم شروع نه ٿي سگھيو ۽ سالن کان رلي ويل ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڪيڊٽ ڪاليج جا ڪم به نه ٿيا جن جا سالن کان لڳل پيڙھ جا پٿر به ڳري ختم ٿي ويا پر چونڊيل نمائندن قومي اسيمبلي سميت ڪٿي به ٻڙڪ ٻاھر نه ڪڍي ۽ بدين ضلع کي ھر سال ٻوڙيندڙ خوني راڪاس ايل بي او ڊي منصوبي تي به اسيمبلي اندر آواز نه اٿاريو ۽ انھي جي کاٽي لاء ھر سال ايندڙ اربين روپيا ھڙپ ڪيا ويا ۽ ضلع بدين ۾ بجلي جو بحران ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊ شڊنگ جنھن جي ڪري بدين ۾ بجلي تي ھلندڙ ڪاروبار تباھ ٿي ويو ۽ گھريلو رڌ پچاء لاءسوئي گئس جي لوڊ شيڊنگ جنھن جي ڪري گھرن ۾ معصوم ٻارڙن کي اسڪول جي ٽائيم ۽ نوڪري تي ويندڙ ماڻھن کي کاڌ خوراڪ نه ملڻ سميت ضلع ۾ نھري پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ جھڙن مسئلن تي ڪڏھن به اسيمبلي اندر نه ڳالھايو پاڙيسري ملڪ انڊيا جي سرحد سان لڳندڙ پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ساحلي پٽي سان لڳندڙ ضلع بدين جا شھر گولاڙچي,کورواھ,نندو, سيراڻي,احمد راڄو,ٻھڊمي, ڪڍڻ ,لواري شريف,کوسڪي شادي لارج ,پنگريو,ڏيئي, سمن سرڪار,ٽنڊو باگو کڏھرو,دٻھڙو,وھڻائي شريف ملڪاڻي,پيرو لاشاري,علي بندر,ترائي,ڪڙيو گھنور, تلھار,ٽنڊو غلام علي,دمبالو غلام شاھ موري,ڪپري موري سميت ماتلي ۽ ٻيا بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آھن,پاڪستان جي مرڪز ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت يافتا اتحادي پي ڊي ايم جي ٺھيل وفاقي حڪومت به ڀارت جي سرحد سان لڳندڙ ھن ساحلي پٽي واري ضلع بدين جي لکين پڙھيل لکيل نوجوانن کي سرڪاري کاتن ۾ روزگار نه ڏيڻ سان گڏوگڏ بدين ضلع ۾ فيڪٽريون لڳائي نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ ۾ به مڪمل ناڪام رھي جنھن سبب ھزارين پڙھيل لکيل نوجوان بي روزگار بنيل آھن, نوڪريون نه ھجڻ جي ڪري نوجوانن کي روزگار سان لڳائڻ لاء پوڇڙ جي ھن ضلع بدين ۾ ٽماٽي جي اپت تمام گھڻي ٿيڻ جي ڪري ھتي ٽماٽي جي فيڪٽري توڙي سمنڊ جي ساحلي پٽي ھجڻ تي ناريل جي پوکائي توڙي سمنڊ جي کاري پاڻي کي مٺو ڪري زراعت جي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ سان ھزارين نوجوان روزگار سان لڳي سگھن ٿا جيڪو ڪم به چونڊيل نمائندن جي نه ڪرڻ سان ھن علائقي کي تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي,ضلع بدين جي سڀني سرڪاري ادارن ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي روينيو ۽ پوليس کاتا مرڪز بنيل آھن جيڪي عوام کان ھر جائز توڙي ناجائز ڪمن جا پئسا پنھنجو حق سمجهي وٺي رھيا آھن جنھن جي ڪري عام ڏھاڙيدار ماڻھون ھڪ ويلي جي ماني لاء سخت پريشان آھي, بدين ضلع ۾ زرعي پاڻي ٽيل نه ڪرڻ سان ھتان جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بنجي وئي آھي سخت پاڻي جي کوٽ ھر سال ماڻھن کي احتجاجن لاء مجبور ڪندي جنھن لاء مختلف آبادگارن جي ٺھيل تنظيمن پاران ھر سال مھينن جا مھينا احتجاج ڪرڻ بعد مشڪل سان پيئڻ جو پاڻي ملي ٿو, بدين ضلع کي ڪي به بنيادي حق نه ملڻ جي ڪري بدين ضلع جي عوام ۾سخت ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي جنھن سبب اڳوڻا چونڊيل نمائينده پنھنجن پنھنجن تڪن ۾ فلحال وڃڻ جي پوزيشن ۾ نظر نٿا اچن.