بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين شهر ۾ حددخلين جو آزار وڌي ويو، شهر جي  مين روڊن قائد اعظم روڊ، شهباز روڊ، شاھه لطيف روڊ، کوسڪي روڊ، غريب آباد ڪڍڻ روڊ، سيراڻي روڊ، گولاڙچي روڊ، الله والا چوڪ، مھراڻ چوڪ، شاھنواز چوڪ سميت شھر سمورن روڊن تي دڪاندارن سامان ٻاهر ڪڍي روڊن تي رکي روڊن کي سوڙهو ڪري ڇڏيو، شهرين، مسافرن ۽ اسڪول ويندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين روڊن تي ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب ڪلاڪن جا ڪلاڪ گرمي ۾ پريشانين کي منهن ڏسڻو پوي ٿو، جڏهن ته ٻئي طرف ٽريفڪ  نظام نالي ماتر هجڻ ڪري شهر ۾ ون وي سسٽم ختم ڪيو ويو آهي، روڊ بند رهڻ سبب روز جو معمول بڻيل آهن، جڏهن ته ڪجھه مهينا اڳ بدين جي ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي شهر جو دورو ڪري حد دخليون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ان حوالي سان ميونسپل ڪميٽي بدين پاران شهرين کي حد دخليون ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي ۽ شھر ۾ پرچا پڻ ورهايا ويا هئا، ٻئي پاسي شهرين نديم مغل، علي محمد سومرو، علي حيدر پنھور، ستار جوکيو ۽ ٻين ضلعي انتظاميا، ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽ ميونسپل ڪاميٽي بدين جي چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته حد دخليون ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪري حددخليون فوري ختم ڪرايون وڃن ته جيئن شهرين مان بي چيني ختم ٿي سگھي.