بدين(رپورٽ: شفيع جوڻيجو) شير واهه جي آبادگار اڳواڻ ۽ ڳوٺاڻن مٺن دستي، قربان علي جت، علي نواز دستي، هاشم نهڙيو ۽ سڄڻ ريٻاري جي اڳواڻي ۾ايوان صحافت اڳيان احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته آبپاشي جا راشي عملدار پڇڙي جي رھواسين جو پيئڻ وارو پاڻي روڪي ڇڏيو، ايريگيشن کاتي پاران شاخون پڪيون ڪرڻ جي بهاني شير واهه لارج جي منڍ وارن آبادگارن سان ملي ڀڳت ڪري آر ڊي 25 ۽ آر ڊي 35 جي سل ليول مٿي رکي شاخ کي اڻ سڌي طرح رڪاوٽ پيدا ڪري ڇڏي آھي، جنھن سبب شير واهه لارج جي پڇڙي ۾ واري جو پيئڻ لاءِ پاڻي به نٿو پھچي، ھنن چيو ته اسان جي زرعي آبادي تباهه ٿي وئي آهي، پر هاڻ ماڻھن ۽ جانورن لاءِ پيئڻ جو پاڻي به ناهي رهيو ،آبپاشي عملدار ۽ سيڊا جا آفيسر ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شير واهه لارج جي آر ڊي 25 ۽ آر ڊي 35 تائين شاخ سل ليول هيٺ ڪئي وڃي، جيئن شاخ جي پڇڙي ۾ پيئڻ جو پاڻي پهچي سگهي، ٻئي صورت ۾ ايريگيشن جي نااھل عملي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.