بدين (رپورٽر) بدين ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف موبائيل ايسوسيئيشن جي سڏ تي واپارين ۽ شهرين پاران شاھنواز چوڪ تي چئني پاسن کان شاميانا لڳائي روڊ بند ڪري ڌرڻو ھڻي واپدا خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي واپاري نور علي ميمڻ، رضا خواجا، شجاعت حسين خواجا، امجد علي ميمڻ، محمد رمضان انصاري ۽ ٻين چيو ته مين بازار موبائيل مارڪيٽ جو گذريل 15 ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙيل آهي، 2 ڏينهن اڳ ڌرڻو هنيو  ته حيسڪو عملدارن ھڪ ڏينھن اندر ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ جو واعدو ڪري احتجاج ختم ڪرايو پر ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود ٽرانسفارمر تبديل نه ڪيو ويو، هنن الزام هڻندي چيو ته واپدا علمدار ڏيڍ لک روپيا رشوت طلب ڪري رهيا هئا جيڪا نه ڏيڻ جي ڪري ٽرانسفارمر تبديل نه ڪيو ويو، هنن اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي فوري طور ٽرانسفارمر تبديل ڪيو وڃي.