بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو )جوڊيشل ڪمپليڪس جي عمارت ۾ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ گولاڙچي ايٽ بدين ۾ جهيڙي ڪيس ۾ فريادڻ مسمات مرادان زال ابراهيم چانڊيو سان گڏجي آيل 40 ورهين جي انور پٽ غلام رسول چانڊيو کي ڪورٽ جي مين گيٽ وٽ نامعلوم هٿيار بندن گوليون هڻي فرار ٿي ويا، مصروف ترين روڊ تي فائرنگ سبب افراتفري پکڙجي وئي ٽريفڪ رڪجي وئي،  موقعي تي موجود اکين ڏٺن شاهدن موجب فائرنگ ۾ ملوث جوابدار ڀرپاسي جي گهٽين ۾ فرار ٿي ويا, جڏهن واقعي بعد زخمي کي انڊس اسپتال بدين پھچايو ويو جتي علاج دوران دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف ڪيس جي فريادڻ مسمات مردان چانڊيو طرفان سول جج اڳيان انور چانڊيو جي قتل جي اڳواٽ منصوبا بندي ڪرڻ جي شڪايت ڪرڻ  جهيڙي جي ڪيس ۾ جوابدار طور پيشي تي آيل سندس مڙس پوليس اهلڪار ابراهيم چانڊيو ۽ اياز چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته جهيڙي ڪيس ۾ هڪ جوابدار راهب چانڊيو جي ڪورٽ ۾ غير حاضري جي درخواست به ابراهيم چانڊيو ڏني هئي جيڪو مبينا طور ڪورٽ ٻاهران مقتول انور چانڊيو حملي جي تاڙ ۾ ويٺل هو. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي مسمات مردان چانڊيو طرفان مڙس خلاف خرچ جي دعوي داخل ڪرڻ بعد ڪجهه مهينا پهرين ڌرين ۾ ڪورٽ جي گيٽ وٽ جهيڙو ٿي پيو ھو، ماڊل ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ پوليس اهلڪار ابراهيم چانڊيو، اياز چانڊيو وارا سول جج گولاڙچي جي عدالت ۾ آيل هئا ته واقعو پيش آيو.