بدين (رپورٽر)بدين ضلعي جي پنجن تعلقن سميت لاڙ ۾ آبادگارن پاران 8 لک ايڪڙن تي پوکيل سارين جي فصل لھڻ سان وڏن واپارين سارين جو اگھه في مڻ 4000  روپين مان گھٽائي 3030 روپيا ڪرڻ سان گڏ موسچر جي نالي ۾ في مڻ تي چار ڪلو ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي ٿي اهڙوا ظهار آبادگار محمد امين جوڻيجو،  عبدالرحمان ميمڻ ، وڏيرو علي عباس ۽ ٻين ڪيو، ھنن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر بدين ٻه ڀيرا ڪارخانيدار واپارين سان گڏجاڻي ڪري کين ھدايت ڪئي آھي ته ووچر جي نالي ۾ ڪٽوتي نه ڪئي پئي وڃي پر واپارين ڊي سي جو حڪم پڻ ٿڏي ڇڏيو آھي،بدين ضلعي جي آبادگارن چيو آهي ته واپارين پاران سارين جي اگھه لاھڻ سان ننڍن آبادگارن کي ڪروڙين روپيا نقصان ٿي رھيو آھي، اسان في ايڪڙ تي ٻج ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن سميت في ايڪڙ تي تقريبن 80000 اسي ھزار روپيا خرچ ڪريون ٿا، سارين جا اگھه ڪيرائڻ جي ڪري ننڍن آبادگارن کي وڏو نقصان ٿي رھيو آھي، ھنن موجب ته ھوڏانھن واپارين  يوريا ڀاڻ في ٻوري 3400 سئو مان ماڻمرادو وڌائي 4400 سئو روپيا ۽ ڊي اي پي ٻوري 7000 ھزار مان وڌائي 11000 ھزار في ٻوري ڪري ڇڏي آھي،آبادگارن نگران وزير آعلي سنڌ کي اپيل ڪئي ته سارين جو اگھه وڌائي نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي