بدين (رپورٽر) بدين ۾ ڳوٺ چڀڙ خان چانگ جي رھواسين صابو چانگ ۽ محمد موسيٰ چانگ ولد نورمحمد چانگ ٻئي ڏينهن به ايوان صحافت اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته سندن والد نورمحمد چانگ کي پنهنجي چاچي سهراب چانگ طرفان ڏنل 14 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جو کاتو مخالفن فوت ٿي ويل سهراب چانگ جي فوتي ڀائيٽن سعيده چانگ ۽ بانو چانگ جي نالي ڪرائي ڇڏيو آهي، اهڙي فراڊ ٿيڻ کانپوءِ والد نورمحمد چانگ صدمو رسڻ ڪري بيمار ٿي پيو آهي ۽ حيدرآباد اسپتال ۾ داخل آهي، هنن سيشن جج بدين ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وڍي انصاف ڪيو وڃي.