بدين (رپورٽر) بدين جي ڏھاڙيدار مزدور اڳواڻن حيدر انصاري، غلام قادر ٿهيم، سڪندر ملاح ۽ مير محمد جي اڳواڻي ۾ 50 کان وڌيڪ ھمالي مزدورن ايوان صحافت آڏو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن خلاف احتجاج ڪندي پيش ٿيندڙ بجيٽ کي پورھيت دشمن بجيٽ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، اڳواڻن تقريرون ڪندي چيو ته ڊرائينگ رومن ۾ بجيٽ ٺاھيندڙ امير حڪمرانن کي غريب جي زندگي گذارڻ جي خبر ئي ناھي انھن ظالم حڪمرانن جي پيش ڪيل بجيٽ عوام ۽ پورهيت دشمن بجيٽ آهي، جنهن کي اسان ڏهاڙي دار مزدور رد ڪريون ٿا. هنن چيو ته اسيمبلي ۾ ويٺل ارب پتي ۽نوڪري ڪندڙ پگهاردار ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ واڌ ته ڪئي وئي آهي، پر غريب پورهيت لاءِ ڪابه گنجائش نه ڪڍي وئي آھي، جنهن ڪري غريب پورهيت طبقي کي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت طرفان پيش ڪيل بجيٽ ۾ غريب مزدورن لاءِ ڪا به ھمدردي ناھي،مزدورن لاءِ رليف پئڪيج جو اعلان ڪرڻ بجائي غريب عوام تي وڌيڪ ٽيڪس مڙهيا ويا آهن، جنهن سان غريبن کي ذري جو به فائدو ملي نه سگهيو آهي پر وڌيڪ زندگي عزاب ڪئي وئي آھي، هنن وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته موجوده بجيٽ ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي روزانا اجرت وڌائي سندن بي چيني ختم ڪئي وڃي.