بدين )رپورٽر (بدين مان گذرندڙ قاضيه واھه پل جي ٻنهي پاسن کان سبزي، مڇي، مرغي وڪرو ڪندڙن واپارين ديرا ڄمائي ورتا آهن، جنهن ڪري هڪ ته رش ٿيڻ سبب ٽريفڪ سخت متاثر ٿي رهي آهي ته ٻيو وري پراڻي سبزي مڇي جو ڪچرو واھ ۾ اڇلائڻ ڪري واھ جو پاڻي پيئڻ قابل ناهي رهيو، شهرين موجب ته ضلعي انتظاميا طرفان مڇي مارڪيٽ ۽ سبزي منڊي نه ٺهرائڻ ڪري واھه جي ٻنهي پاسن کان والار ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري اڪثر موري تي گندگي رهي ٿي، رش سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي، ٻئي طرف موري تي مڇي ۽ سبزي وڪرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انتظاميه اسان کي متبادل مارڪيٽ مهيا ڪري ته اسين اتي وڃي پنهنجا دڪان لڳائي ڪاروبار ڪري سگھون ٿا هن وقت ڪابه جڳهه نه هئڻ جي ڪري موري تي ڪاروبار ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪرڻ اسان جي مجبوري آهي شهرين ضلعي انتطاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته بدين ۾ ڪيترن سالن کان بند پيل گوشت مڇي جي مارڪيٽ کولي في الفور گوشت ۽ مڇي جون پڙيون انهي ۾ منتقل ڪري شهرين کي سهولت مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ قاضيه واهه موري تان ٽريفڪ جو آزار ختم ڪرايو وڃي.