حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ڳوٺ محبت ماڇي جي رهواسي ۽ شٽرنگ جو ڪم ڪندڙ پورهيت عبدالغفار سولنگي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته بدين جي ڊسٽرڪٽ چيئرمين اصغر هاليپوٽي جي بنگلي جي اڏاوت لاءِ هن 10 مهينا اڳ شٽرنگ جو سامان لڳايو هو. ان سامان جي ماليت 16 لک رپيا آهي، هاڻي اصغر هاليپوٽو کيس شٽرنگ جون ڪاٺيون کڻڻ نٿو ڏئي جڏهن هو شٽرنگ جو سامان کڻڻ لاءِ ويو ته هن ڪپري موري پوليس چوڪي جي اي ايس آءِ کي فون ڪري پاڻ وٽ گهرايو ۽ مون کي زبردستي ٿاڻي تي وٺي وڃي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب آئون زخمي به ٿي پيس، هن چيو ته 10 مهينا اڳ ضلعي چيئرمين اصغر هاليپوٽي جي گهر تي شٽرنگ ڪرڻ جو ڪم 75 رپيا في فٽ جي حساب سان طئي ٿيو ۽ ڪم جي سلسلي ۾ هن 16 لک رپين جو ڪاٺ لڳايو. شٽرنگ مڪمل ٿي وئي ته ٺيڪيدار اشرف ڀٽي آيو جنهن کيس چيو ته اصغر هاليپوٽي جو چوڻ آهي ته هو 75 رپيا في فٽ بدران 60 رپيا في فٽ ڏيندو. ماپ ٿي ته اهو ڪم ساڍا 8 لک رپين جو ٿيو جنهن مان کيس 4 لک رپيا مليا جڏهن ته ساڍا 4 لک اڃا تائين ادا نه ڪيا ويا آهن ۽ نه ئي وري کيس شٽرنگ جو سامان واپس ڪيو پيو وڃي. هن چيف جسٽس ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.