بدين(ن پ ا) بدين ضلعي جي تعلقن بدين، تلھار ۽ شھيد فاضل راھو جي 400 کان وڌيڪ آبادگارن ۽ شھرين جا ٻن مهينن کان سب رجسٽرار آفيس مان رجسٽري ڪرائڻ باوجود دستاويز جي پرنٽ نه نڪري ناهي سگھي، آبادگارن ۽ شھرين مير مصطفيٰ ٽالپر، رياض سومرو، انور رستماڻي، غلام محمد خاصخيلي ۽ منور راھوڪڙي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ذريعن موجب ٽن مھينن ۾ 3 سب رجسٽرار بدلي ٿيا آھن، جڏھن به ڪو رجسٽرار بدلي ٿي اچي ٿو ته ھو پنھنجي پسند جو ڪلرڪ وٺي اچي ٿو، شھرين جي پڇڻ تي آفيس ملازم نيٽ ورڪ نه ھئڻ ، سب رجسٽرار جو آفيس ۾ نه ويھڻ ۽ ڊسٽرڪٽ رجسٽرار پاران آءِ ڊي نه کولڻ جا بھانا ڪري آبادگارن ۽ اسٽامپ وينڊرن کي رلايو پيو وڃي، ذريعن موجب ھڪ ھفتو اڳ سب رجسٽرار بدين جي آفيس ۾ اسٽامپ وينڊر ايسوسيئشن جي گڏجاڻي ۾ اڳواڻن يوسف کٽي، اعجاز شاهه، واحد بخش خاصخيلي ۽ ٻين فيصلو ڪيو ھو ته جيستائين پراڻا دستاويز نه ملندا تيستائين نوان دستاويز رجسٽرڊ نه ڪرايا ويندا،جنھن فيصلي تي سب رجسٽرار عمل نه ڪيو ۽ ھر ٻئي ڏينھن دستاويز رجسٽرڊ ڪرڻ جي روايت جاري رھي، ھوڏانھن مير پور خاص ۽ بدين جي اضافي چارج رکندڙ سب رجسٽرار آفتاب احمد ڪلوئي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ رجسٽرار رياض ٻٽ حيدرآباد ۾ رھي ٿو آءِ نه کلڻ سبب ڪم رولڙي جو شڪار آهي.