بدين انتظاميا ڪتابي ميلو ڦٽائي ڇڏيو، ڪتابن جا اسٽال پٽ، ڊي سي ۽ اي سي معافي ورتي

0
32
بدين انتظاميا ڪتابي ميلو ڦٽائي ڇڏيو، ڪتابن جا اسٽال پٽ، ڊي سي ۽ اي سي معافي ورتي
بدين انتظاميا ڪتابي ميلو ڦٽائي ڇڏيو، ڪتابن جا اسٽال پٽ، ڊي سي ۽ اي سي معافي ورتي

بدين(رپورٽ: شفيع محمد جوڻيجو) بدين ۾ اي سي پوليس ساڻ ڪري ڪتابي ميلي جا اسٽال پٽي ڇڏيا، بي زوق ڪاموري علم جي احترام بدران شاهه جو سالو، سچل جو رسالو، رومي جا ڪتاب ۽ تاريخ جا ورق روڊ تي اڇلائي ڇڏيا، احتجاج بعد ڊي سي نوٽيس ورتو ته اي سي قلم ڌڻين کان معافي وٺڻ لاءِ پهچي ويو تفصيل موجب بدين جي نوجوانن پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس سامھون لاڙ ميوزيم بدين جي اڳيان ڪتابن جو اسٽال لڳايو ويو، جنھن ۾ ھزارين ڪتاب رکيا ويا ھئا، جنھن تي اسسٽنٽ ڪمشنر بدين راجيش ڪمار پنھنجي اسڪواڊ عملدارن سان گڏ چڙھائي ڪري اسٽال جي شاميانن جي رسن کي ريڙهي تان کنيل ڇري سان ڪٽي اسٽال پٽڻ بعد شاهه جو سالو، سچل جو رسالو، رومي جا ڪتاب ۽ تاريخ جا ورق روڊ تي اڇلائي ڇڏيا، واقعي جو اطلاع ملڻ شرط بدين جي سول سوسائٽي، سياسي سماجي اڳواڻ ڪارڪن توڙي شھري وڏي تعداد ۾ لاڙ ميوزيم بدين آڏو ڪتابي ڪيمپ تي پھچي ويا، انھي موقعي تي ناليواري مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري بدين شھري اتحاد جي ڪنوينر خليفه طارق عزيز ميمڻ، پروفيسر شفيع دل، جبار حبيباڻي، پروفيسر طفيل احمد چانڊيو، سانول گوپانگ، جبار گھراڻو سان گڏ بدين بار جي وڪيلن صحافين ۽ شھرين اي سي بدين راجيش ڪمار جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، انھي موقعي تي ڊاڪٽر آڪاش انصاري چيو ته ھن ڪرپٽ آفيسر ڪتاب ناھن پڙھيا، پيسا ڏئي نوڪريون ورتيون آھن، جن کي وڪرو ٿيندڙ منشيات نظر نٿي اچي، سڄي شھر ۾ حد دخلين جو آزار آھي، انتظاميا کي اھو نظر نٿو اچي، ھنن کي صرف ڪتابن جو اسٽال خراب ٿو لڳي، جنھن کي ڊاھي پٽ ڪري علم دشمني جو ثبوت ڏنو ويو آھي، ھن چيو ته لطيف جي رسالي، سچل جي رسالي، رومي جي ڪتابن ۽ ٻين علمي ادبي ڪتابن جي توھين ڪري پٽ تي اڇلائڻ واري عمل کي علم دشمني قرار ڏيندي سخت مذمت ڪريون ٿا، ٻئي پاسي ڊي سي بدين ياسر ڀٽي واقعي جو نوٽيس وٺندي احتجاج تي ويٺل ڊاڪٽر آڪاش انصاري سان واقعي تي افسوس جو اظھار ڪندي معذرت ڪئي ۽ اي سي بدين راجيش ڪمار کي سرزمين تي وڃي معافي وٺڻ جو حڪم ڏنو، جنھن تي اي سي بدين راجيش ڪمار لاڙ ميوزيم پھچي اسٽال لڳائيندڙ نظير ميمڻ، اوڀايو پنھور ۽ بدين جي شعور کان معافي ورتي، جنھن کان پوءِ ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۽ ٻين اڳواڻن جي طرفان احتجاج کي ختم ڪيو ويو.