بدين(رپورٽر) بدين ضلعي اندر 4 لک 70 هزار ٻورين جي جائي تي 30 هزار ڀاڻ جون ٻوريون مس ملن ٿيون 5هزار 800 سئو روپين ۾ خريد ڪيل ڀاڻ انتظاميه ٻڌائي ته گهڻي ۾ وڪرو ڪجي بدين جي فرٽيلائيزر ايسوسيئيشن جي  ڊيلرن امتياز ميمڻ، محمد علي خواجه اشوڪ ڪمار صادق  علي خواجا ۽ ٻين ايوان صحافت بدين پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هن وقت کين ڀاڻ مهانگي  اگھه تي ملي رهيو آهي جتي 4لک 70 هزار ٻورين جي ضرورت آهي اتي 30 هزار ٻوريون مشڪل سان ملي رهيون آهن، اهڙي ڪمپني ريٽ تي ڀاڻ نه پيو ملي اهڙي  رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر بدين کي به ڏئي چڪا آهيون پر اهو مسئلو حل نه پيو ٿئي ۽ ويتر. ضلعي انتظاميه ڊيلرن تي پوليس جا اٽالا ساڻ وٺي  ڇاپا هڻي کين پريشان ڪيو پيو وڃي،  جڏهن ته هتي  فيڪ ايجنسيون پڻ ڪم رهيون آهن حد کان وڌيڪ ڀاڻ انهن ڏانهن وڃي ٿو انهن کي بند ڪرڻ جي ضرورت آهي حڪومت طرفان ٻاهرکان ڀاڻ نه گهرائڻ جي ڪري به کوٽ پيدا ٿي آهي ان ۾ ڊيلرن جو ڪوبه ڏوھ ناهي هڪ سوال جي جواب ۾ هنن چيو ته ايگريڪلچر جي رپورٽ مطابق ضلعي بدين کي 1لک 27 ڀاڻ ماهوار ملڻ گهرجي جيڪو نه پيو ڏنو وڃي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪٿي به ڪو گدام ناهي جيڪو به ڀاڻ جنهن ڊيلر کي ملي ٿو اهو مارڪيٽ ۾ آبادگارن کي ڏنو ويندو