تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي جي مدرسي محلي مان اغوا ٿيل جنيد بکراڻي جي بازيابي لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن شربت نندواڻي، امام بخش سنڌي، مهتاب حسين ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته جنيد بکراڻي جي اغوا کي35 ڏينهن گذري ويا پر پوليس وارثن کي ٺلها آسرا ڏئي رهي آهي، نينگر بازياب نه ٿيو ته ايس ايس پي ڪشمور آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين. هوڏانهن بدنام ڏوهاري خادم حسين ڀيو وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته خدارا معصوم جنيد بکراڻي کي ظاهر ڪيو، جيترو به ڀنگ گهرندو آءُ ڏيندس ۽ سوره يٰسين تي ڪنهن به ماڻهو جو نالو ظاهر نه ڪندس.خادم حسين ڀيو وڌيڪ چيو ته مون مٿان ڪو دٻاءُ ناهي، خدا ڪارڻ ننڍڙي جي بازيابي لاءِ مدد ڪريان ٿو، وڊيو بيان ۾ هُن پنهنجا نمبر به زباني ٻڌايا، هن چيو ته معصوم جا وارث ۽ سندس دوست به پريشان آهن، ننڍڙي جي بازيابي لاءِ جيڪو به تعاون ٿيو هو پاڻ ڪندو.