اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چين جي دوري دوران عدالتي سڌارن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت ڳالهائيندي چيو ته ٻين هاءِ ڪورٽن مان ججن جي بدليءَ جي حمايت ۾ آهيان، پر بدليءَ ذريعي آندل ججز کي سينيارٽي لسٽ ۾ سڀ کان هيٺ هجڻ گهرجي. 26هين آئيني ترميم بابت پنھجي راءِ نه ڏيندس. ملڪ ۾ هڪ پارليامينٽ آهي، قانون ٺاهڻ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي، پارليمان جي ٺاهيل قانونن جو عدالتي فيصلا اچڻ تائين اسان کي احترام ڪرڻو آهي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ پريس ايسوسيئيشن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته قومي عدالتي پاليسي ساز ڪاميٽي جو اجلاس 26 ۽ 27 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عدالتي سڌارن تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سڀني هاءِ ڪورٽن جا چيف جسٽس صاحبان شرڪت ڪندا. چيف جسٽس ٻڌايو ته چين ۽ ترڪي جي دوري تي پنج رڪني وفد سان گڏ ويو، چين جي دوري دوران معلوم ٿيو ته اتان جي سپريم ڪورٽ ۾ 367 جج آهن ۽ اتي ڪو به ڪيس التوا هيٺ نه آهي. جڏهن چائنا جي ججن کي پاڪستان جي التوا هيٺ ڪيسن بابت ٻڌايو ويو ته هو حيران رهجي ويا. انهن پڇيو ته زير التوي ايترا ڪيس ڪيئن اڪلايا ويندا، چيف جسٽس چيو ته چين جي دوري دوران ايران جي چيف جسٽس ۽ ڀارتي عدليه جي ججن سان به ملاقات ٿي، ڀارتي ججن سان ٿيل ڳالھه ٻولهه موجوده حالتن سبب نٿو ٻڌائي سگهان.