سيئول (انٽرسٽنگ نيوز): چيني جوءَڙي عارضي طور تي گهر ڪرائي تي وٺڻ تي ٿيل تڪرار جو بدلو پاڻي، بجلي ۽ گئس ضايع ڪري ورتو، جيڪو پنهنجي قسم جو هڪ انوکو واقعو آهي، چين مان ڏکڻ ڪوريا جي شهر سيئول ۾ ايندڙ جوڙي ايئر بي اين بي (رهائشي ماڻهن طرفان گهر جو هڪ حصو ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪرائي تي ڏيڻ جي آن لائن عالمي تنظيم ۽ ويب سائيٽ) تحت هڪ ڪمرو بڪ ڪرايو هيو، پر ان کي منسوخ ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو، جيڪو باضابطا پاليسي تحت هيو، چيني جوڙي ساڍن ٽن هفتن جي رقم ادا ڪري ڇڏي هئي پر بعد ۾ معلوم ٿيو ته اهو سيئول شهر بدران گهڻو پري واقع آهي، ان کي منسوخ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها بي فائدي ثابت ٿي، ان کانپوءِ چيني جوڙي ان جو بدلو وٺڻ جو پهه ڪري ورتو، پهرين انهن گهر جي اندر سڪيورٽي ڪيمرا نه هجڻ جي تصديق ڪئي، ان کانپوءِ انهن سڀ لائيٽون استعمال ڪيون، بجليءَ واريون شيون هلايون، ڏينهن رات گئس ٻاري ۽ نلڪي کولي پاڻي ضايع ڪندا رهيا، ايتري تائين جو 120،000 ليٽر پاڻي ضايع ڪري ڇڏيو، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جوڙو 25 مان رڳو 5 ڏينهن ئي اتي رهيو، جيئن ئي چيني جوڙو رخصت ٿيو، اڳئين مهيني ادارن بل ۾ چيو ته ڪل 116 ڊالر جو پاڻي استعمال ٿيو آهي، 730 ڊالر گئس جو بل آيو ۽ 728 ڊالر بجلي ۽ ٻين خرچن جي صورت ۾ سامهون آيا،

 

اهڙيءَ طرح ڪل ڪرائي کان وڌيڪ نقصان انهن بلن جي ادائگي ۾ هليو ويو، جڏهن مالڪ مڪان ان سلسلي ۾ ايئر بي اين بي ويب سائيٽ جي انتظاميا سان رابطو ڪيو ته انهن ڪنهن به قسم جي سهڪار کان انڪار ڪري ڇڏيو.