ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جا مختلف ڊي ايچ اوز، ڊرگ انسپڪٽر ۽ ايم ايس بدلي، ان ڏس ۾ ميرپورخاص جي  ڊي ايچ او مشتاق شاھه کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اي ڊي ايچ او جيرام داس کي ڊي ايڇ او ميرپور خاص مقرر ڪيو ويو. ساڳئي ريت اي ڊي ايڇ او عمرڪوٽ فريد احمد کي خالي پيل پوسٽ تي ڊي ايچ او عمرڪوٽ مقرر ڪيو ويو، صادق کهاوڙ کي شهدادڪوٽ تعلقي اسپتال ۽ گهوٽڪي جي اي ڊي ايچ او بخت جتوئي کي اوٻاوڙو تعلقي اسپتال جو ايم ايس مقرر ڪيو ويو، ٻئي طرف 18هين گريڊ جي ڊرگ انسپيڪٽر ذاڪر سمون کي ڪراچي مان بدلي ڪري شهيد بينظيرآباد  ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جتان مشتاق  احمد سومرو کي بدلي ڪري ملير ۾مقرر ڪيو ويو آهي، سيد خالد بخاري کي سنڌ گورنمينٽ اسپتال سعودآباد جو ايم ايس مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر  سنڌو ڪماري کي ابراهيم حيدري  اسپتال ۾ وومين ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.