ڪراچي: مڪاني کاتي جي ڪامورن جي بدلين ۽ مقررين جي آرڊرن تان نگران وزير ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وچ ۾ هلندڙ اختلاف نبرجي نه سگھيا، مڪاني کاتي جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منظور شيخ موڪل تي روانو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته مڪاني ادارن واري وزير ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منظور شيخ وچ ۾ مرضي جي آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين توڙي اختيارن تان شروع ٿيل اختلافن سبب کاتي جو سمورو وهنوار متاثر ٿي رهيو آهي. اهڙي صورتحال بعد ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منظور شيخ موڪل تي روانو ٿي ويو آهي، جنهن بعد يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري نور احمد سمون کي مڪاني ادارن واري کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي اضافي چارج سونپي وئي آهي. ان حوالي سان ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته مڪاني ادارن جي نگران صوبائي وزير مبين جماڻي پاران مڪاني کاتي جي 21هين گريڊ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منظور شيخ بجاءِ پنهنجي پرائيوٽ سيڪريٽري (پي ايس) رياض مڱريو معرفت سِڌي ريت لاڳاپيل سيڪشنز مان ڪامورن ۽ عملدارن جي بدلين ۽ مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرائڻ تان سيڪريٽري ۽ وزير وچ ۾ اختلاف شروع ٿيا هئا، جيڪي هن وقت تائين ختم نه سگھيا آهن.