پاڪستان کي مديني وانگر فلاحي رياست بڻائڻ زندگي جو مقصد آهي: وزيراعظم

0
132
وزيراعظم مري سانحي

ڪراچي(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي مديني واري رياست جي طرز تي فلاحي رياست بڻائڻ منهنجي زندگي جو مقصد آهي

مشهور آمريڪي اسڪالر شيخ حمزه يوسف کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مذهب جي معاملي تي ڪنهن کي به زبردستي نه ٿو روڪي سگهجي، اسلام اسان کي اهو ئي درس ڏيئي ٿو

هن چيو ته مون جڏهن سياست شروع ڪئي ته ماڻهو سياست ۾ اچڻ کان ڊڄندا هئا، جڏهن مان سياست ۾ آيس ته طاقتور ماڻهن منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي، پر توهان پنهنجي ناڪامين مان سکندا آهيو، مان 22 سال جدوجهد ڪئي

عمران خان چيو ته غرور ڪنهن به انسان کي تباهه ڪري ٿو ڇڏي، ڪاميابي ۽ عزت صرف الله تعاليٰ ڏيندو آهي، مال ۽ دولت نه، انسان جي اندر غيرت هجڻ تمام ضروري آهي، منهنجي ويجهو امير اهو آهي جيڪو پنهنجي ضمير جو سودو نٿو ڪري

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانون کانسواءِ ڪو به معاشرو اڳتي نٿو وڌي سگهي، پاڪستان کي مديني جي طرز جي فلاحي رياست بڻائڻ منهنجي زندگي جو مقصد آهي

ھي به پڙھندا

وزيراعظم عمران خان دبئي ۾ عالمي اسپورٽس ايوارڊ کٽي ورتو