بدقسمتي سان ماضي ۾ ملڪي معيشت تي ڌيان نه ڏنو ويو، چين ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو: وزيراعظم

0
65
وزيراعظم عمران خان

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا کي افغانستان ۾ انساني بحران جو احساس ڪرڻ گهرجي، 4 ڪروڙ شهرين لاءِ بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، اولهه جون طاقتون افغانستان کي ائين نٿيون ڇڏي سگهن

چيني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو آهي ته افغانستان گهڻيون ڏکيائيون ڏٺيون آهن، چئن ڏهاڪن ۾ اُن کي جنگ جو ميدان بڻايو ويو، افعان مسئلي تي اولهه جي خاموشي ڳڻتي جوڳي آهي

وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن جو موقعو مليو آهي، هاڻي عالمي برادري کي افغانستان جي صورتحال کي سمجهڻ گهرجي

وزيراعظم عمران خان انٽرويو ۾ چيو ته چين ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو، ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن، ايندڙ هفتي وفد سان گڏ چين وڃي رهيو آهيان، چين سان اسان جا 70 سال پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن

وزيراعظم چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين کي به ويجهو آندو آهي، سي پيڪ جو ٻيو مرحلو زراعت ۽ صنعت تي هوندو، هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ ملڪي معيشت تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو پر اسان معيشت تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون

والاريل ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون بدترين ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي، جتي 9 لک ماڻهو بدترين حالتن ۾ کليل جيلن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، اولهه ۾ والاريل ڪشمير بابت گهڻي ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي ويندي، ان معاملي تي ڄاڻي واڻي خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي

ھي به پڙھندا

سيڪيورٽي اهلڪارن جي رت جو هڪ هڪ ڦـُڙو ملڪ جي تحفظ جو ضامن آهي: وزيراعظم