راهه ايندي ويندي روز ملندڙ اُداس اکين واري نوجوان به خودڪشي ڪري ڇڏي. هاڻي جڏهن هُو هن جهان ۾ ناهي رهيو ته سندس جيون جي لاهن چاڙهن بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون انڪشافن جي روپ ۾ سامهون اچن پيون، جن ۾ سرفهرست شديد مايوسي ۽ اُداسائي ئي آهي. هن علائقي ۾ زندگي ايتري ڪٺن ٿي ويندي، ڪير نه پيو ڄاڻي. خوشحال خطي جي بدحال ماڻهن جو اهڙو نوحو جيڪو وقت وڏي واڪي ورجائي پيو، پر في الحال پاڻ ٻوڙا ۽ ٻڌڻ جي سگهه پاڻ وڃائي ويٺا آهيون. شهر ۾ اهو پهريون نوجوان نه هو، جنهن پنهنجي مرڻ جو اعلان پاڻ ڪيو هو، پر پنهنجي آس پاس ۾ پنهنجي ڪلهن تي پنهنجا لاشا کڻي گهمندڙ انسان ڏسي پسي سگهجن ٿا. اهڙا ماڻهو، جن جي بس تدفين جو اعلان باقي هوندو آهي!
هن تر جي بدقسمتيءَ جو حياتي هر پل نئين چئلينج سان سامهون اچي پئي. الميو اهو ته اسان ۽ اسان جا نوجوان حالتن کي درست ريت سمجهڻ جو ادراڪ نه ٿا رکن. ڏئي وٺي ڪجهه سالن کانپوءِ هڪ موقعو اليڪشن جي صورت ۾ اچي ٿو، ان کي وڃائڻ جا به هيراڪ ٿي پيا آهيون. نتيجي ۾ ‘چاڪيءَ جي ڏاند’ وارو ڪم صدين کان جاري آهي. سائنسي انداز سان شين جو تجزيو ڪيو وڃي ته هن وقت غريبت، اڻ برابري، سياسي عدم توازن، غير سنجيدگي ۽ ڏوهن جي دنيا ۾ اچڻ اڄ جي نوجوان لاءِ مُک چئلينجز آهن. دنيا جي ترقي يافته معاشرن ۾ ڏٺو وڃي ته اتي نوجوانن جي وچ ۾ مڪالمي ۽ آزاد بحثن جي معرفت اهڙيون سرگرميون ڪرايون وينديون آهن، جن سان انهن جي ذهنن کي نوان دڳ ملن ٿا، انهن جون صلاحيتون اُڀري سامهون اينديون رهن ٿيون ۽ پوءِ سُجاڳ قومون انهن کي استعمال ڪري تيز وکون کڻڻ لڳنديون آهن، پر پنهنجي معاشري جي بدنصيبي، جو هتي اهڙو ڪجهه به ناهي، نتيجي ۾ هر گذرندڙ لمحو مايوسين جي پاتال ڏانهن ڇڪي پيو.
ملڪي معاشري جا مسئلا اڄ به ان جاءِ تي کُپ کوڙي ويٺل نظر اچن ٿا، جتي ڪيئي ڏهاڪا اڳ موجود هئا. مهانگائي ۽ بيروزگاري ‘شتر بي مهار’ جيان ٿي ويا آهن. تعليمي کيتر ۾ نه چاهيندي به دل چوي ٿي ته لکجي ته ان تعليم کان نه ڏجي ته بهتر آهي. ماڻهن کي ڇڏيو ته وڃي، خانگي طور ‘ڇوٽُو’ ٿي هنر سکن. تعليم جي نالي سان اهڙو مذاق، جنهن سان ڪجهه حاصل ناهي ٿيڻو. تعليم جي ٻيڙيءَ ۾ وڏي سوراخ سبب بدعنوانيءَ جي بازار جهڙي ريت جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ان جا مثال هر جڳهه تي پکڙيا پيا آهن. ادارن جي نالائقن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ملڪ جي هڪ صوبي ته ڇا هڪ ضلعي يا هڪ تعلقي اندر به ڪو هڪ کاتو فضيلت ۾ ناهي. هتي پنهنجي فضيلت کي اڳيان رکي، ‘جنهن جو پڇ کڻ…..’ وارو محاورو استعمال نه ٿو ڪجي. جيون جي انهن سڀني ڪلورن ۾ وري مسيحا جو انتظار ڪرڻ به ڪمال آهي. انهن انتظارن ۾ اهي ماڻهو به سامهون آهن، جيڪي سڀ ڪجهه زر جي زور تي زوري خريد ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا. انهن جي اڳيان هر شعبي ۾ ويٺل غلام، مذاق بڻيل قانون، مهربان عدالتون، ڪلارڪن کي ڪوڙا هڻڻ جهڙا ادارا، هر وک تي اڳيان ايندڙ چور دروازا، ڍرون ڊيلون الائي ڇا ڇا، اهو آهي اسان جي ملڪ جو احتساب بس هر پاسي مايوسيءَ جي ‘سموگ’…. ڀلي اسان ان ڳالهه کي ڪروڙين ڀيرا ورجايون ته مايوسي ڪفر آهي، گناهه آهي، پر اخلاقي قدرن کان وانجهيل معاشري ۾ ايترا ته غير قانوني اسپيڊ بريڪر آهن، جنهن ۾ ڪجهه گامن کان پوءِ ٿڪجي ويهڻ تي دل چوي ٿي. نتيجي ۾ انصاف جي گاڏيءَ جي انجڻ ويهيو وڃي، ملڪ جي هر قانون نافذ ڪندڙ اداري جون نالائقيون، مٿان چونڊيل نمائندن جون چالاڪيون ۽ پوءِ عدالتن ۾ تاريخ تي تاريخ، رمانڊ تي رمانڊ، سوين ڦٻايل ملڪتيون، بس ڪجهه خواري، ڪجهه اسڪينڊل، غريب عوام جو آسمان ڏانهن نهاري پنهنجي مقدر کي دوشي قرار ڏيڻ…. ان ڪري پڪ سان اسان ان سماج جا رهواسي آهيون، جتي عملي طور غنڊا راڄ لاڳو ٿي چڪو آهي. جنهن ماڻهوءَ وٽ جيترو وِتُ آهي، اهو اوتري ئي غنڊا گردي ڪري ٿو. گهر جي ڀت کي گهٽيءَ تائين وڌائڻ هجي، وچ رستي تي گاڏي بيهاري ڊاڙا ٺڪاءُ هڻڻا هجن. پنهنجي گهر کي محفوظ بنائي ٻئي جي مڪان ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو ڇوڙڻو هجي، بازارن ۾ بيهي گاريون ڏيڻيون هجن، ڪنهن کي گهروڙي ڀونڊو ڏيڻو هجي، ٿڪون کانگهارا اُڇلائڻا هجن، جيڪو به دل ۾ اچي سگهه آهر ڪري ڏيکارڻو آهي. ڪير به روڪي ته ڏيکاري!
هي ته عام ماڻهوءَ جو وهنوار آهي. واپارين ۽ دڪاندارن جي غنڊاگردي پنهنجي جاءِ تي، روزمره جي ضرورتن ۾ استعمال ٿيندڙ شيون، جنهن به قيمت تي وڪرو ڪن، انهن جي مرضي. ٽماٽا ويهه رپيا کپائين، انهن جي منشا، ساڳيا ٽماٽا عيد جي وقت ٽي سئو ڪلو وڪرو ڪن انهن جي مرضي. واپارين جون من مستيون پنهنجي جاءِ تي، پر وري جڏهن سرڪاري ڪامورن کي ڏسون ٿا ته ٺَپَ ٺريو وڃن! ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ڳوٺ ۾ ٻن برادرين ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو. هڪ برادري جي بظاهر نيڪ نمازي پرهيزگار همراهه ٻئي برادري جي هڪ عورت کي چماٽ وهائي ڪڍي. جنهن ڌر جي عورت کي چماٽ لڳي، ان وڌيڪ جهيڙو نه ڪيو، سڌو ڀر واري ٿاڻي تي آيا، پر پوليس وٽ جيڪو انصاف آهي، ان تي هاڻي ڳالهائڻ ڄڻ لفظن جي توهين لڳي ٿي. متاثر عورت، ان جي سس ۽ مڙس ڪلاڪن تائين ٿاڻي تي ويٺا رهيا. ڪو به انصاف نه ٿيو، نتيجي ۾ خالي هٿين ڳوٺ ۾ موٽي آيا. هڪ ته عورت کي چماٽ، مٿان ان ڌر خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نه ٿيڻ….بس هاڻي ٻيو ڪجهه ناهي، همراهه ڳوٺ مان لڏڻ لاءِ سامان ويڙهي پيو. زندگيءَ جي انهن تلخ لهجن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسان جهڙن ماڻهن لاءِ هر سو مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. انهن اداس پلن ۾ حياتي ڏاڪڻين ۽ نانگن جي ان راند جيان ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ٻه ڏاڪا مٿي ته وري ڪنهن نانگ جي جهڙپ ۾ تري ۾ اچي پئون ٿا!
سنڌ جي امن پسند معاشري جي ڳالهه هاڻي صرف رڃ جيان دوکو آهي. هر ماڻهو پاڻ کان ڪمزور لاءِ غنڊو بنيل آهي. جن ماڻهن کي سٺو سمجهجي ٿو، انهن ۾ جڏهن ڪم پوي ته اهو شخص توهان لاءِ ڪيترو خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، ان جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. اهڙين حالتن ۾ تعليم جو به ڪهڙو فائدو؟ اهو علم، جيڪو انساني حقن جي سُڃاڻپ نه ڪرائي سگهي! حقن جي ڳالهه تان پنهنجو اهو دوست ياد اچي ٿو، جيڪو گذريل هڪ سال کان پنهنجي ماءُ جي حصي جو هڪ جريب حاصل ڪرڻ لاءِ مامن سان مقابلي ۾ آهي. مرداڻي معاشري ۾ جتي عورتن کي پنهنجي مرضيءَ سان ساهه کڻڻ جي اجازت به نه هجي اُتي، انهن کي حق جو حصو ڏيڻ مردانگيءَ تي حيف جيان ٿي وڃي ٿو، پر پنهنجي هن دوست کي ڪيئن سمجهايان ته پيئرن جي زمينن جا مالڪ پُٽ هوندا آهن، نه ڪي ڌيئرون….. مسلسل هڪ سال ٿاڻن کان تر جي هر وڏيري وٽ دانهين ٿيڻ تائين هن جتن ڪيا آهن. عدالت سڳوريءَ ۾ هُو نه ٿو وڃڻ چاهي، بقول هن جي ته زمين ملڻ جو جيڪو ٿورو گهڻو آسرو آهي. اهو به ڪورٽن جي پيشين جي ور چڙهي ويندو. جهيڙو ڪري قبضي ڪرڻ جي طاقت هن ۾ ناهي. بس پوءِ مسلسل ٽينشن ۽ جائز حق نه ملڻ جي ڪري سخت ذهني پيڙا مان گذري پيو.
پيڙائن مان گذرڻ جي ڪهاڻي، غُنڊا راڄ جو شڪار ٿيڻ جو قصو، منهنجي رُڳو ان هڪ دوست جو ناهي، پر ٿوري فرق سان هي سماج جانورن جو اهو معاشرو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ هر ڏاڍو جانور پاڻ کان هيڻي کي شڪار بڻائيندو آهي. فرق ايترو ته اهو شڪار خالي پيٽ جانور پنهنجو شڪم ڀرڻ لاءِ ڪندا آهن، پر هتي ته بکيا به شڪار تي نڪتل آهن ته پيٽ ڍاول به ٻين کي چيرڻ لاءِ چنبا تيز ڪيون گهمندا وتن ٿا. اهڙين حالتن ۾ ته هاڻي پاڻ کان ئي خوف ٿئي پيو! ڀنگ پيتل ان همراهه جهڙي ڪيفيت، جنهن کي هر شخص مان ڀؤ ٿيندو آهي ۽ پوءِ ان ڀوءَ ۾ منهنجي شهر واسي اُداس اکين سان گهٽين ۾ گُهمندڙ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي…!