بدترين سوڪهڙي ڏانهن ڌِڪجندڙ سنڌ

0
41
بدترين سوڪهڙي ڏانهن ڌِڪجندڙ سنڌ

سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. اڪثر علائقن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به ميسر نه آهي. سنڌ کي برباديءَ جي تحت الثريٰ ۾ اڇلائڻ لاءِ 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. پنجاب جي وفاق جي مدد سان پاڻي تي ڌاڙيوالي جاري آهي. تڪراري ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي. هاڻي ته صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي، جنهن جو اندازو سنڌ جي آبپاشي کاتي طرفان سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي چيف انجنيئرن ۽ سيڊا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي جاري ڪيل ليٽر مان ٿئي ٿو، جنهن ذريعي کين آگاهي ڏيندي پاڻيءَ جي دستيابي جي حساب سان ورڇ لاءِ چيو ويو آهي. ليٽر ذريعي اها پڻ ڄاڻ ڏني وئي آهي ته تربيلا ۽ منگلا ۾ ڪجهه ڏينهن جو پاڻي مَسَ وڃي بچيو آهي ۽ برساتون نه پيون ۽ دريائي وهڪرا بهتر نه ٿيا ته سنڌ جي بئراجن تي 50 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد، بدين، ٿر، شهيد بينظرآباد، لاڙڪاڻو، دادو، خيرپور، نوشهرو فيروز ۽ جيڪب آباد ۾ سوڪهڙي واريون حالتون پيدا ٿي وينديون.

ماحولياتي تباهي جا هونئن ته اثر سڄي دنيا تي پيا آهن پر اها تباهي اسانجي ملڪ جي حصي ۾ وڌيڪ آئي آهي. برساتون گھٽجي ويون آهن، دريائي وهڪرن ۾ تمام گھڻي لاٿ آئي آهي، انهن ماحولياتي تبديلين جو اثر هن ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي وڌيڪ پئجي رهيو آهي. ماحولياتي تبديلين کان علاوه به سنڌ جي لاءِ هٿرادو هاڃو پيدا ڪيو ويو آهي. جيڪا لَپَ پاڻيءَ جي ملي ٿي، اها به روڪي ڪئنالن جي ذريعي سنڌو درياهه جو رُخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن وقت اها حالت آهي جو هتي پيئڻ جي لاءِ پاڻي نٿو ملي وري جي اهي ڪئنال مڪمل ٿي فعال ٿيا ته اها ملندڙ لَپَ پاڻيءَ جي به بند ٿي ويندي. سنڌ جي حڪمرانن کي انهن حالتن جا ڪا به پرواهه نه آهي. 17 سالن جي لڳاتار حڪمراني هڪ ئي سياسي جماعت جي رهي آهي پر اهي سنڌ جي پاڻيءَ جو جائز حق وٺي نه سگھيا آهن. سنڌ جا حڪمران پاڻيءَ جو حق وٺڻ لاءِ تيار ناهن. ويتر عوام جڏهن تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري ٿو ته انهن تي بدترين تشدد ڪيو وڃي ٿو، دهشتگرديءَ جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا، جنهن جو تازو مثال ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو آهي، جن تي نه صرف بدترين تشدد ڪيو ويو پر دهشتگرديءَ جا ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت کي ته پاڻ ئي احتجاج ڪرڻ گھرجي ها پر جڏهن عوام احتجاج ڪري ٿو ته ان کي به روڪيو وڃي ٿو ۽ بدترين تشدد ڪيو وڃي ٿو، جنهنڪري ماڻهو اهو سوال پُڇڻ تي مجبور آهن ته ڇا اها ڪئنال ٺاهيندڙن جي سهولتڪاري ڪئي پئي وڃي؟

جن سرڪاري کاتن جو سنڌ ۾ سياسي استعمال ٿيندو رهيو آهي، انهن ۾ آبپاشي کاتو پڻ شامل آهي. مُنڍ جا آبادگار ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽس ذريعي پاڻي چورائي ٿا وڃن، آبپاشي کاتي جا عملدار پاڻي وڪرو ڪن ٿا، جنهنڪري پوڇڙ ۾ پاڻي بهتر ريگيوليشن نه ٿيڻ جي ڪري نٿو پهچي. هڪ ته آبپاشي کاتي ۾ ڪرپشن جي ڪري صورتحال اڳ ئي خراب آهي، ويتر جي سنڌ کي 50 سيڪڙو کوٽ ڀوڳڻي پئي ته حالتون انتهائي خراب ٿي وينديون. هاڻي جڏهن تربيلا ۽ منگلا خالي ٿيڻ وارا آهن ۽ ان دوران برساتون نه پيو، دريائي وهڪرا بهتر نه ٿيا ته سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي به نه ملندو. پنجاب ۾ ته وري به جَر جو پاڻي وڏي مقدار ۾ آهي، جنهن کي اهو سسٽم ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي پر سنڌ ۾ جَر گھٽ آهي ۽ استعمال جوڳو پڻ ناهي. ٿيندو ائين آهي ته سنڌ کي هر ڀيري وڌيڪ پاڻي کوٽ کڻائي ويندي آهي. هاڻي به جيڪڏهن اها کوٽ سنڌ کي ڀوڳڻي پوي ٿي ته فصلن کي پاڻي ملي نه سگھندو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪو پاڻي ملي ٿو ان جي انصاف ڀري ورڇ ڪئي وڃي، بااثر زميندارن جا ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽس ختم ڪيا وڃن. سنڌ جي زراعت کي بچايو وڃي. ماحولياتي تباهي جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن.