ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گھوٽڪي، عمرڪوٽ ۽ نوشهري فيروز جا 3 جج معطل، نوٽيفڪيشن جاري، ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس بدانتظامي ۽ نااھلي جي بنياد تي 3 ججن کي ھٽائي رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، نوشهري فيروز جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نزاڪت علي ٽانوري، ڪنري جي سول جج زاھد حسين مغيري ۽ اوٻاوڙي جو سول جج زاھد مستوئي کي ھٽائي رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي ، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب معطلي دوران ٽئي ججز پگھارون ۽ الائونس کڻندا رھندا.