بدامني پرامن شهرين کي ڊيڄاري رهي آهي

0
29

سنڌ ۾ بدامني وري پنهنجا پير کوڙي رهي آهي روز ڪو نه ڪو واقعو پرامن شهرين کي ڊيڄاري رهيو آهي.ننڍين چورين کان وٺي موٽر سائيڪلن جون چوريون  ۽ ڦرون عام ٿي رهيون آهن هر ضلعو انهي بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي.رستن تان ماڻهن کان ڦر جون وارداتون اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻيون وڌي ويون آهن هڪ طرف اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌارو ٿيو آهي ته ٻئي طرف ڀنگ لاءِ اغوا  ۽ قتل جون وارداتون به نظر اچي رهيون آهن پر انهي هوندي لاڳاپيل انتظاميا طرفان انهي بدامني کي روڪڻ لاءِ ڪي اثراتا اپاءَ کڄندي نظر نه پيا اچن جنهن ڪري شهري هڪڙي خوف ۾ ورتل آهن ته ڪيڏي مهل به هو ڪنهن واردات جو نشانو بڻجي سگهن ٿا.

انهي بدامني کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪجهه واقعا ئي ڪافي آهن يا انهي بدامني خلاف ٿيندڙ احتجاج ٻڌائي رهيا آهن ته ماڻهن جو سک ڦٽل آهي .ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف هڪ طرف شهري مظاهرو ڪر رهيا هئا ته ٻئي طرف هٿياربند  مصروف ترين روڊ تي شورم مالڪ کي قتل ڪر فرار ٿي ويا.جڏهن ته انهي ميهڙ ۾ ئي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ ٻن ڄڻن کان ڦورو ڦر ڪري ويا. هالا ۾ شهرين بدامني ۽ منشيات خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو آهي ته ميرپور ماٿيلو ۾ هندو پنچائت وارن بدامني خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي آهي اهي سڀ هڪڙي ڏينهن جون خبرون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ جوهي ۾ سبزي وڪڻندڙ کي جوهي دادو روڊ تي هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو روڪي کيس زخمي ڪري 50 هزار رپيا ڦر ڪري ويا جنهن خلاف جوهي شهر ۾ واپارين ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. اهي ۽ اهڙيون ٻيون کوڙ خبرون هر روز مختلف شهرن مان  ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي رهيون آهن جيڪي ثابت پيون ڪن ته بدامني جي باهه وڌي رهي آهي ۽ لاڳاپيل انتظاميا ان کي ڪنٽرول ڪرڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ ڪي به سنجيده قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪي به احتجاج ٿي رهيا آهن انهي ۾ بدامني جي وارداتن سان گڏوگڏ   پوليس جي ڪارروائي ۾ غير سنجيدگي تي شهري ڪاوڙيل آهن. سنڌ بدامني ۾ اڳ ئي گهڻو ڪجهه ڀوڳي چڪي آهي شهر دهشتگردي جي گهيري ۾ هئا ته ٻهراڙيون ڌاڙيلن ۽ چورن جا ڳڙهه بڻيل هئا جن مان گهڻي ڪوششن کانپوءِ وڃي جان ڇٽي هئي ۽ عوام سڪون جو ساهه کڻڻ لڳو هو ته هڪ ڀيرو ٻيهر وري اهي ڏوهاري سرگرم ٿي ويا آهن. پر امن امان لاءِ مقرر ٿيل پوليس توڙي ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهي کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آهن ۽  حڪومت به انهي پاسي ڌيان نه  ڏئي رهي آهي ته اوچتو ئي اوچتو وري هڪ ڀيرو ٻيهر ڇو سنڌ ۾ بدامني ڪر کڻڻ لڳي آهي؟ جنهن سان سڄي صوبي جي ڪاروبار ۽ واپار کان وٺي ان جي معيشت کي به وڏو ڌڪ رسي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ماضي شاهد آهي ته دهشتگرد ۽ ڌاڙيلن جي ڪاررواين سبب سڄي صوبي مان وڏي پئماني تي واپاري ۽ ڪاروباري ماڻهو پنهنجي سيڙپ ٻين صوبن يا وري ٻاهرين ملڪن ڏانهن منتقل ڪري ويا جنهن ڪري صوبي جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.

اسان سمجهون ٿا ته امن امان ئي صوبي جي ترقي ۾ اهم ڪردار اداڪندو آهي پر جڏهن ڏوهاري بنا خوف جي ڪارروايون ڪرڻ لڳن ۽ انهن کي ڪو جواب نه ملي ته اهو حڪومتي ۽ انتظامي ناڪامي ۾ شمار ٿئي ٿو. تنهن ڪري حڪومت کي ترت قدم کڻي وڌندڙ بدامني جي واراداتن کي اتي ئي ٻنجو ڏيڻ گهرجي ايئن نه ٿئي ته ماضي وانگر وري هٿياربند آزاد گهمندا وتن ۽سج لٿي کانپوءِ  شهري ڊپ ۾ گهرن اندر قيد هجن.