ڪرمپور(ن پ ا) ڪرمپور مان وڌيڪ هڪ هندو واپاري جنم ڀومي ڇڏي ڀارت روانو ٿي ويو، واپاري گڊو لال بدامني کان تنگ ٿي ڪٽنب سميت هميشه جي لاءِ ڀارت لڏي ويو، واپاري گڊو لال، 3 نياڻين صنم، نويئا، سنل ڪماري ۽ گهر واري سميت ڀارت لڏي ويو، روانگي وقت ڪرمپور باءِ پاس تي دوستن ۽ شهرين کيس ڀاڪر پائي موڪلاڻي ڪئي ته ان وقت ماحول ڏکارو ٿي ويو ،روانگي وقت گڊو لال ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي ماءُ آهي هتي صدين کان آباد هئاسين بدامني حد کان وڌي وئي آهي، هاڻي وڌيڪ هتي رهڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، هڪ شهر کان ٻئي شهر به نه ٿا وڃي سگهون گهر کان نڪرندي به خوف ٿئي ٿو، بدامني سبب ڪاروبار بلڪل ٺپ ٿي ويو آهي، ڌرتي ماءُ کي ڇڏڻ وارو لمحو دل کي تڪليف ڏيندڙ ھوندو آهي پر مجبوري سبب ديس ڇڏي وڃون پيا. واپاري گڊو لال ڪرمپور کان ڪوچ ذريعي لاهور روانو ٿي ويو جتان واگها بارڊر رستي ڀارت روانو ٿي ويندو.