بدامني خلاف ڌرڻن جو اعلان، مٺ جيترن ڌاڙيلن 5 ضلعن کي يرغمال بڻائي رکيو آهي: اڳواڻ

0
20
بدامني خلاف ڌرڻن جو اعلان، مٺ جيترن ڌاڙيلن 5 ضلعن کي يرغمال بڻائي رکيو آهي: اڳواڻ
بدامني خلاف ڌرڻن جو اعلان، مٺ جيترن ڌاڙيلن 5 ضلعن کي يرغمال بڻائي رکيو آهي: اڳواڻ

سکر (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي سنڌ پاران بدامني، ڌاڙيل راڄ، قبيلائي تڪرار، اغوا، ڦرن، ڌاڙن وارن واقعن خلاف سکر جي نجي هوٽل ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست جماعتن، وڪيل، صحافي، اقليتي برادري، سول سوسائٽي توڙي سڄاڻ ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري متفقه بحالي امن ايڪشن ڪاميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو ۽ 28 جنوري تي سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي 10 ضلعن جي ايس ايس پيز آفيسن آڏو بدامنيءَ خلاف ڌرڻا هڻڻ، 16 فيبروريءَ تي ٻٻرلوءِ وٽان قومي شاهراهه ۽ شڪارپور وٽان انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اِن باوجود امن بحال ڪرائڻ لاءِ حڪومت سنجيدهه ڪوششون نه ڪيون ته سي ايم ھائوس جو گهيراءُ ڪيو ويندو، جنهن بعد ڪميٽيءَ جي مشاورت تي اسلام آباد ڏانھن لانگ مارچ ڪيو ويندو، صدارتي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته حڪومت جي لاپرواهي، نااهلي سبب سنڌ بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيي آهي. ڌاڙيل جي ظالماڻين ڪارواين مان اسان جا ٻار ٻچا، هاري ناري، نياڻيون ۽ صحافي به محفوظ ناهن، اقليتي برادريءَ عدم تحفظ جو شڪار هجڻ سبب پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهي، 17 سالن کان پ پ جي صورت ۾ سنڌ اندر  ڏاڍ ۽ جبر واري حڪومت قابض آهي، تعليم، صحت، بنيادي سهولتن جي اڻاٺ آهي، سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين مختلف قوتن کي ڏيڻ جي مذمت ڪريون ٿا، افسوس سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، ڌاڙيل راڄ، اغوا، ڦرون، ڌاڙا معمول بڻيل آهن، امن امان جي بحالي جي نالي تي پوليس ۽ ٻين ادارن کي 155 ارب جي بجيٽ ڏني وئي وڃي، پر ڪاڪردگي زيرو آهي، هر ضلعي ۾ پنج کان 10 معصوم، بيگناهه شهري ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن، آپريشن جي نالي تي اربين رپين جو بجيٽ الڳ هر سال هڙپ ڪئي پئي وڃي، لکين ايڪڙ ڪچي جي زمينن تي ٿيندڙ فصل مان سڀ پنهنجو حصو وصول ڪري رهيا آهن، افسوس سنڌ واسين کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي پر سنڌ جو وڏو وزير صورتحال اڳ کان بهتر آهي وارو راڳ آلاپي رهيو آهي، هن چيو ته پريا ڪماري کي 41 مهينا ٿي ويا آهن، گهرو وزير اسيمبلي فلور تي خوشخبري ڏني، پر پوءِ به پريا ڪماري بازياب ڪجهه ناهي ٿيو، مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته سنڌ صدين کان پرامن سرزمين رھي آھي پر ھٿ وٺي سنڌ ۾ بدامنيءَ جي باھ ڀڙڪائي وئي آھي، اي پي سي ۾ ايڪشن ڪاميٽي جوڙي ھتان جي چونڊيل ميمبرن سان ملاقاتون ڪري اسمبلي ۾ آواز اٿارڻ سان گڏ امن لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين، ميان مٺو چيو ته پنجاب وارن پنھنجو پاڻي انڊيا کي وڪڻي ڇڏيو آھي، سنڌ جي پاڻي تي انهن جو ڪو به حق ناهي، سي پيڪ، گيس بجلي ڪوئلو ۽ پيٽرول سميت پورٽ تي لھندڙ سامان به ھتان پنجاب وڃي ٿو، ايس ٽي پي جي عبدالفتاح سميجي چيو ته زرداري مافيا سڄي سنڌ جي وسيلن جي سوديبازي ڪري ڇڏي آھي، مقصود ڊومڪي چيو ته فارم 47 جي پيدوار وفاقي توڙي صوبائي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اقبال بجاراڻي چيو ته زداري ۽ سرداري سسٽم اتر سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن خاص ڪري 5 ضلعن جي امن کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، جي يو آءِ جي مولانا محمد صالح انڍڙ چيو ته حڪومتي نااھلي سبب اتر سنڌ عملي طور اغوا انڊسٽري بڻجي وئي آھي، فنڪشنل ليگ جي ڪاشف نظاماڻي چيو ته سنڌ بدامني جي لپيٽ ۾ آھي، ايس يو پي جي منير نائچ چيو ته بدامني ۽ لاقانونيت جو سبب آهي ته رياست پنھجو ڪم نه پئي ڪري، علامه رياض حسين روحاني چيو ته پاڪستان مان امن جو پکي اڏامي ويو آھي، ممتاز سھتو چيو ته امن جي بحالي لاءِ اسان جو ديني ۽ اخلاقي فريضو آھي، جتي به ڏوھ ٿئي اسان کي مظلوم جو ساٿ ڏيڻ گھرجي، ڪنڌڪوٽ شھري اتحاد جي ڊاڪٽر مھر چند چيو ته جنھن رياست کي اسان ٽيڪس ڏيون ٿا اھا اسان کي امن ڏيڻ جي پابند آھي، 103 ڏينهن بدامنيءَ خلاف احتجاج ڪيوسين پر حڪمران گونگا ٻوڙا ۽ انڌا بڻيل آھن، 12 لک آبادي واري ضلعي ڪشمور کي 50 ڌاڙيل يرغمال بڻائي ويٺل آهن، 15کان 20 سيڪڙو ھندو برادري لڏپلاڻ ڪري چڪي آهي، ڪيو اي ٽي جي روشن ڪنراڻي چيو ته سنڌ پاڪستان ٺاھيو، پر اڄ ٻه اکيائي سنڌ جو امن تعليم تباھ ۽ زمينن جي ولار ڪئي پئي وڃي، ڪانفرنس کي حضور بخش حضوري، حاڪم جتوئي، قاري محمد عثمان، ناھيد، نذير ٻٻر، عبدالحئي سومرو، نعمت کهڙو، اسماعيل ابڙو، ريواچند، دنيش ڪمار، عبدالقادر چاچڙ، دلمراد جتوئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، اي پي سي ۾ قراردادون پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڌاڙيل راڄ ۽ انهن جي سرپرستن خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪري ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ڌاڙيلن، پوليس توڙي بااثر ظالم وڏيرن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙيو وڃي، قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ سخت قانون سازي ڪئي وڃي، پ پ حڪومت پنهنجي صفن ۾ موجود ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙ چونڊيل نمائندن، ڀوتارن کي نيڪالي ڏئي، فضيلا سرڪي ۽ پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي، جان محمد مهر، نصرالله گڏاڻي، اجئي لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.