خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ تنظيم احساس وومين ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن اڳواڻ شهناز شيخ جي اڳواڻي ۾ سوين عورتن ضلعي اندر بدامني ۽ پوليس گردي خلاف ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي شهناز شيخ چيو ته خيرپور ۾ توحيد رحمان ميمڻ جي ايس ايس پي طور مقرري کانپوءِ سمورو ضلعو بدامنيءَ جي ور چڙهي ويو آهي، خيرپور جا ماڻهو خوف واري زندگي گذاري رهيا آهن، ھن چيو ته خيرپور ۾ چورين، ڌاڙن خاص ڪري موٽر سائيڪل ڦر وارا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن ۽ ڏينهون ڏينهن اهڙن واقعن ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي، پر پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، هن چيو ته هڪ پاسي خيرپور بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙي رهي آهي ته ٻئي طرف خيرپور پوليس ڏوهارين بدران شريف ۽ مسڪين ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ھن چيو ته خيرپور پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بدران بي گناهه ماڻهن کي فل فراءِ ۽ ھاف فراءِ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري عوام جو پوليس مٿان اعتماد ختم ٿي ويو آهي، هاڻي ڏوهارين کان وڌيڪ پوليس کان خوف زدهه آهي، ھن الزام مڙهيو ته ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي ايس پي خيرپور ڪرپشن جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، ٿاڻن تي منٿلي مقرر ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري ٿاڻن جا ايس ايچ اوز مختلف طريقن سان شهرين کي پريشان ڪري انهن کان پئسا اوڳاڙي ڪري رهيا آهن، ھن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي ايس پي خيرپور کي هٽائي ٻين ايماندار ۽ اهل آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن ضلعي جو امن امان بحال ٿي سگهي.