جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف مل مزدور يونين پاران احتجاجي مظاهر ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي حاجي معشوق خاراني، ڀڄن لال ڀترا، عبدالستار جکراڻي، سڪندر ڪيهر ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ امن امان مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي، روز ڦر ۽ ڌاڙن جون وارداتون ٿي رهيون آهن، هنن چيو ته هڪ هفتي دوران ڀڄن لال، غلام حسين کوسو، ارشد دستي کان 60 لکن کان وڌيڪ رقم ڦر ڪئي وئي، شهري عدم تحفظ جو شڪار آهن، هنن بدامني ختم ڪرائڻ جي گهر ڪئي.