بخشاپور ۾ ڪانوائي لڳائي مسافرن کان سرعام ڦرلٽ: گاڏي نه بيهارڻ تي فائرنگ، ڊرائيور قتل

0
32
بخشاپور ۾ ڪانوائي لڳائي مسافرن کان سرعام ڦرلٽ: گاڏي نه بيهارڻ تي فائرنگ، ڊرائيور قتل
بخشاپور ۾ ڪانوائي لڳائي مسافرن کان سرعام ڦرلٽ: گاڏي نه بيهارڻ تي فائرنگ، ڊرائيور قتل

بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور ۾ ڪانوائي لڳائي مسافرن کان سرعام ڦرلٽ، گاڏي نه بيهارڻ تي فائرنگ، ڊرائيور قتل، بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد ڪنڌڪوٽ طرف ويندڙ انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن ٻوهاني اسٽاپ وٽ ڪانوائي لڳائي ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين،ڪار،موٽرسائيڪل، وينن، کي  هٿيارن جي زور تي روڪي ماڻهن کان کان آساني سان ڦرلٽ ڪئي، ڦُرجي ويل مسافرن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ هو چئي رهيا آهن ته 3 جوابدار سمورين گاڏين بيهاري ڦر ڪري وڃن ٿا پوليس انهن جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي،ٻي واردات انڊس هاءِ وي ڇڻڪو ڦاٽڪ لڳ ٿي، هٿياربندن ڪار کي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊرائيور پاران نه بيهارڻ تي فائرنگ ڪئي وئي، نتيجي ۾ ڊرائيور طفيل احمد ڊومڪي زخمي ٿي پيو، زخمي کي نجي ڪلينڪ تان طبي امداد بعد وارث رحيم يار خان جي اسپتال ڏانهن کڻائي وڃي رهيا هيا ته طفيل احمد ڊومڪي رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، مقتول جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

مقتول ڊرائيور جا وارث ٿاڻي تي آيا ته پوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو: پوليس

بخشاپور: بخشاپور پوليس جو چوڻ هو ته طفيل احمد ڊومڪي ڪنڌڪوٽ کان واپس بخشاپور طرف اچي رهيو هو ته ڏوهارين ڪار نه بيهارڻ تان ڪار مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هو گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو، وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

ڪشمور ضلعي ۾ بدامني خلاف اسلام آباد ۾ احتجاج، ٻي طرف وارداتون تيز ٿي ويون آهن: سوشل ميڊيا تي بحث

بخشاپور: 2 ڌار ڌار واقعن بعد سوشل ميڊيا تي عوام پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي، چيو پيو وڃي ته هڪ پاسي ضلعي ڪشمور جو عوام امن امان جي بحالي خاطر پنهنجا ٻار ٻچا ڇڏي اسلام آباد ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف ڏوهارين جون هاءِ وي مٿان ڏوهي واردتون تيزي سان جاري آهن.