بخشاپور ۾ ٽريڪٽر وٺڻ ويل ٺل واسي نوجوان اغوا، ڪار هٿ

0
25
بخشاپور ۾ ٽريڪٽر وٺڻ ويل ٺل واسي نوجوان اغوا، ڪار هٿ
بخشاپور ۾ ٽريڪٽر وٺڻ ويل ٺل واسي نوجوان اغوا، ڪار هٿ

بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد مان ٺُل واسي نوجوان نبي بخش ڪنڊراڻي مبينا طور اغوا ٿي ويو،علائقي واسين جي اطلاع بعد حد جي پوليس انڊس هاءِ وي ڪاٺي پُل وٽ پهچي لاوارث حالت ۾ بيٺل مهراڻ ڪار هٿ ڪري ورتي آهي، ٻي طرف بخشاپور پوليس اغوا جي واردات کان لاعلمي ڏيکاريندي چيو ته اسان کي صرف لاوارث حالت ۾ ڪار هٿ آئي آهي، نوجوان جي اغوا بابت ڪابه ڄاڻ ناهي،ذريعن موجب ته نوجوان ٺُل کان ٽريڪٽر وٺڻ لاءِ نڪتو، جيڪو  هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويو آهي.