بخشاپور(ن پ ا)بخشاپور ۾ ڊومڪي ۽ جکراڻي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، عابد حسين جتوئي، شاهزين بجاراڻي، اصغر چاچڙ. عنايت حسين شاهه، يعقوب علي،جهانگير بنگلاڻي جي سرپئنچي هيٺ ڊومڪي هائوس تي نبيرو ڪيو ويو، ڌُرين جا بيان مڪمل ٿيڻ بعد صاحبڏنو جتوئي فتويٰ ٻڌائيندي جکراڻي ڌُر جي ڊاڪٽر اقرار جکراڻي مٿان ٽن ڄڻن کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي سرداري گهراڻي جي معذز شخص مٿان حملو ڪري گوليون هڻي زخمي ڪرڻ جا هڪ ڪروڙ 25 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، گارڊ اربيلو ڪمالاڻي ڊومڪي کي گولي هڻي زخمي ڪرڻ جا 12 لک 50 هزار ۽ عبدالله کي لٺيون هڻي زخمي ڪرڻ جا پنج لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته جکراڻي ڌُر مٿان مجموعي طور هڪ ڪروڙ 92 لک 50 هزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو، جڏهن ته 5 لک رپيا ڊومڪي ڌُر جي امتياز علي خان ڊومڪي کي موقعي تي ادا ڪيا ويا،جڏهن ته بقايا رقم 5 لک رپيا ڊومڪي ڌُر پاران معاف ڪيا ويا، بقايا رقم چار قسطن ۾ فيبروري ۾ ادا ڪئي ويندي. ياد رهي ته اڍائي سال اڳ بلدياتي اليڪشن دوران يونين ڪائونسل توج جي پولنگ اسٽيشن سيف الدين جکراڻي مٿان پي ٽي آءِ طرفان بيٺل اميدوار اڳوڻي صوبائي وزير غالب حسين ڊومڪي جي چاچي امتياز علي خان ڊومڪي گارڊ اربيلو ڪمالاڻي ڊومڪي ۽ عبدالله گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿيا هئا. جنهن جو الزام پيپلزپارٽي جي يوسي چاچڙ جي اميدوار ڊاڪٽر اقرار حسين جکراڻي تي هو ته ان کيس گوليون هڻي زخمي ڪيو هو..