بخشاپور (رپورٽ: مڪيش ڪريوال) بخشاپور ويجهو ارڙي وگهي 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو، خبر موجب ڳوٺ بقا محمد جکراڻي ۾ ارڙي ڦهلجي وئي آهي، ان ڏس ۾ 4 ورهين جي بصران ڌيءُ خورشيد جکراڻي ۽ 3 ورهين جو اشرف پٽ  الله بخش جکراڻي ارڙي وگهي فوت ٿي ويا، ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، هڪ هفتو اڳ پڻ ڄاڻايل ڳوٺ ۾ نينگر گل حاجي جکراڻي ارڙي وگهي فوت ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ ارڙي وگهي فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي،  معصوم ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ هو ته علائقي ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن، ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بعد به صحت کاتي ڪو نوٽيس ناهي ورتو، جنهن ڪري وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي سگهن ٿيون، هنن مطالبو ڪيو ته معصوم ٻارڙن کي ارڙي جي بچاءَ جي ويڪسين لڳائي وبا کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪيو وڃي.