بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو ڪچي ۾ ڏوهارين ۽ ڳوٺاڻن ۾ فائرنگ، ڳوٺاڻن مغوي ڇڏائي ورتو، ڌاڙيلن جو گهيرو، ڏوهارين جا ساٿي پهچي ويا، ڪچي طرف فرار، خبر موجب گبلو جي ڪچي ۾ ڌاڙيل ڪنڌ ڪوٽ مان گهڃا برادري جو نوجوان اغوا ڪري وڃي رهيا هئا ته رستي مان ڳوٺاڻي رياض گولو کان هنن موٽرسائيڪل ڦري ورتي، ڦر واقعي بعد واهر پهچي وئي، جنهن بعد ڳوٺاڻن ۽ ڌاڙيلن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺي جنهن دوران ڳوٺاڻن ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ڇڏائي ورتي ۽ اغوا ٿيل نوجوان کي ڌاڙيلن وٽان بازياب ڪرائي ورتو، بعد ۾ بنگوار گينگ سان تعلق رکندڙ ڏوهاري پنهنجي ساٿين جي مدد لاءِ ٻيڙي وسيلي پهتا جنهن بعد ڏوهاري ڪچي طرف فرار ٿي ويا، ڌاڙيلن جي ٻيڙي تي هٿيارن سميت اچڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ذريعن موجب گولا برادري جي ماڻهن ڏوهارين جا هٿيار به هٿ ڪيا جيڪي چڱي مڙس وٽ جمع ڪرايا ويا آهن.