بخشاپور: ڊومڪي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو: 13 خون ثابت:4 ڪروڙ: 89 لک ڏنڊ

0
35
بخشاپور: ڊومڪي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو: 13 خون ثابت:4 ڪروڙ: 89 لک ڏنڊ
بخشاپور: ڊومڪي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو: 13 خون ثابت:4 ڪروڙ: 89 لک ڏنڊ

بخشاپور (رپورٽ: مڪيش ڪڙيوال) بخشاپور ۾ ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ڦلواڻي ڊومڪي ۽ بڊاڻي ڊومڪي ۾ هلندڙ خوني جهيڙي جو نبيرو ڊومڪي هائوس تي ڪيو ويو، نبيرو اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، اڳوڻي ايم پي اي عابد حسين جتوئي، اڳوڻي صوبائي وزير غالب حسين ڊومڪي، سيد سڪندر شاهه جيلاني جي سرپئنچي هيٺ ڪيو ويو، نبيري ۾ ڌرين جا بيان مڪمل ٿيڻ بعد صاحبڏنو جتوئي فتويٰ پڙهي ٻڌائي، جڏهن ته مرد جي في خون جو 25 لک ۽ عورت جي خون جو 50 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڦلواڻي ڊومڪي ڌر جي زخمين جو ٽوٽل 62 لک رپيا ۽ بڊاڻي ڊومڪي جي زخمين جو 77 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته بڊاڻي ڊومڪي جا پير بخش، نظام الدين، عبدالنبي، نورمحمد، عيدن، برڪت، رانجھا، مسمات منظوران خاتون جو قتل ٿيلن ۽ زخمي علم دين،اختيار،مختيار،ذاڪر،مور خان،سيف الدين،وقار،طارق،خالد،عجب الدين،موجو خان،سومر خان،عامر خان ٽن عورتن ۽ هڪ کيرپياڪ ٻالڪ جو ڦلواڻي ڌر مٿان ثابت ٿيڻ تي 3 ڪروڙ 2 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو .جڏهن ته ڦلواڻي ڊومڪي ڌر جي قتل ٿيلن حاجي بخت علي،حق نواز،راڻو خان، شاهه دوست ۽ زخمين چاڪر، غوث بخش، ظفرالله، عابد،بشير،غلام مصطفيٰ، نجم الدين  ۽ چار عورتن جا بڊاڻي ڊومڪي ڌر مٿان 1 ڪروڙ 87 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جي فتويٰ ٻڌائڻ بعد دعا گهري وئي،ڏنڊ جي رقم مشيرن جي مقرر ڪيل قسطن ۾ ادا ڪندا.

سوشل ميڊيا تي ڪمينٽس ڏيڻ تان ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿيو

بخشاپور: بڊاڻي ڊومڪي ۽ ڦلواڻي ڊومڪي ڌرين ۾  3 سال اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي کي ڪمينٽس ڏيڻ واري معاملي تان معمولي جهيڙو شروع ٿيو، جيڪو خوني تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو، جھيڙي دوران واٽهڙو سميت  13 ڄڻا قتل ٿي چڪا.

مارجي ويل واٽهڙو ۽ زخمي ڳوٺاڻن ڏانهن جھيڙيندڙ ڌريون ميڙ کڻي وينديون

بخشاپور: ٻن ڌرين جي جهيڙي دوران مارجي ويل واٽهڙو ۽ زخمي ٿيل ڳوٺاڻن ڏانهن جهيڙيندڙ ڌريون ميڙ کڻي وينديون، نبيري ۾ طئه ڪيو ويو آهي.

تڪرار ۾ قتل ٿيل واٽهڙو نينگر ۽ زخمين جو نبيرو نه ڪيو ويو

بخشاپور: ڌرين جي جهيڙي دوران گوليa لڳڻ جي نتيجي قتل ٿي واٽهڙو 10 ورهين جي ڌنار  نوخاف جکراڻي ۽ زخمي ٿيل واٽهڙو 2 شاگرد ڀائر 9 ورهين جو اتفاق، 7 ورهين جي زين علي، مولوي غلام اڪبر چاچڙ،محمد علي چاچڙ ۽ کير پياڪ ٻالڪ جو نبيرو نه ڪيو ويو.

خوني تڪرار سبب علائقي جون زمينون غيرآباد، نبيري بعد ڳوٺاڻن ۾ خوشي

بخشاپور: ٻن ڌرين جي جهيڙي دوران جديد هٿيار جي استعمال سبب علائقي واسي سخت پريشاني ۾ مبتلا رهيا، جهيڙي دوران علائقي ۾ زمينون غيرآباد ٿي ويون،  خوني تڪرار جي نبيري ۾ علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.