بخشاپور ڀرسان پوليس موبائل تي حملو، 2 اهلڪار شهيد، 3 زخمي

0
101

بخشاپور ويجهو ڌاڙيلن پوليس موبائل تي حملو ڪري ٻن پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا آهن

انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن پوليس موبائل تي فائرنگ ڪري ڏني حملي ۾ بخشاپور ٿاڻي جو وڏو منشي مقصود بنگلاڻي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل ادب حسين جکراڻي شهيد ٿي ويا

حملي کانپوءِ ڌاڙيل فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس پهچي شهيد ٿيلن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو

پوليس حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هٿياربندن پوليس پارٽي تي حملو ڪري ڳرن هٿيارن سان فائرنگ ڪئي