بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور گبلو جي ڪچي واري علائقي گهوڙا گهٽ پوليس ٿاڻي جي حد ۾ سندراڻي ۽ ساوند برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو. ٻنهي ڌرين جي فائرنگ ۾ممتاز پُٽ حسڻ سندراڻي ٿڏي تي مارجي ويو ۽ اڪبر سندراڻي زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ جي ضد ۾ گوليون ڪري سبب چار مينهون مري ويون. اطلاع باوجود به گبلو ۽ گهوڙا پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي,جنهن ڪري ٻنهي ڌرين ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ هلندي رهي، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. زخمي نوجوان کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي کڻائي وڃي رهيا هيا ته اڪبر سندراڻي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو. ڌرين جا ڳوٺ آمهون سامهون هجڻ ڪري ڪشيدگي واري صورتحال آهي، ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن جنهن سبب وڌيڪ خونريزي ٿيڻ جو خطرو آهي، پوليس ڌرين ۾ ڇڪتان ۽ 2 نوجوانن جي قتل واقعي بعد به ڪو تحرڪ نه ورتو آهي. جهيڙي ۾ سندراڻي برادري جا ٽي نوجوان ۽ ساوند برادري جو هڪ نوجوان قتل ٿي چڪو آهي، جهيڙي دوران قتل ٿيل جو انگ وڌي چار ٿي ويو آهي.