بخشاپور(ن پ ا)بخشاپور جي شهرين ٽائون ڪاميٽي ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب ڏانهن درخواست اماڻي ڇڏي.شڪيل ڊومڪي، فياض ڊومڪي پريس ڪانفرنس ڪندي  الزام مڙهيندي چيو ته بخشاپور ٽائون ڪاميٽي چيئرمين غلام عمر ڊومڪي ڪروڙن جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي. هنن چيو ته بخشاپور ٽائون ۾ ترقياتي اسڪيمن لاءِ هر مهيني 50 لک بجيٽ اچي ٿي، چيئرمين هڪ سال ۾ ڪي به ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا. هنن الزام لڳايو ته 9 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ڪرپشن ڪري بجيٽ هڙپ ڪئي آهي، نيب کي جاچ لاءِ درخواست ڏيڻ کانپوءِ چيئرمين آپي کان نڪري ويو آهي ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، شهرين گهر ڪئي ته شفاف جاچ ڪري ڪرپشن ۾ ملوث چيئرمين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.