بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور ويجھو ڳوٺ لطف علي ڊومڪي ۾ نامعلوم چورن خان محمد عرف ريشو جکراڻي جي گهر اندر چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهرڌڻي سڄاڳ ٿي پيا، جڏهن ته چورن ۽ ڀاڳين وچ ۾ آمهون سامهون فائرنگ جي نتيجي ۾گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ٻي طرف ننڍي منشي مولا بخش ڊومڪي ٻڌايو ته ڀاڳين ۽ چورن جي وچ ۾ فائرنگ سبب جوابدار رسالدار جي ڳوٺ غالب خان ميروئي جو رهواسي عبدالله گولاٽو مارجي ويو آهي، لاش مسمات شهزادي گولاٽو حوالي ڪيو ويو آهي.