بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور ويجهو شيخ واهي لڳ ڳوٺ حاجي خان وزيراڻي ڊومڪي واسي اوطاق تي سُتل نوجوان حاڪم علي چاچڙ  هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقع واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ٿاڻي آندو جتان ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته قتل ٿيل نوجوان جي زميندار حاجي خان وزيراڻي ڊومڪي ٻڌايو ته حاڪم علي چاچڙ منهجو ٽريڪٽر ڊرائيور هو، جيڪو زمين مٿان هر ڪاهڻ بعد رات دير سان اوطاق تي ستل هو ته گولاٽا برادري جي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، پوليس موجب هڪ سال اڳ گولاٽا ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾  لٺيون لڳڻ سبب گولاٽا برادري جو هڪ نوجوان عبداللطيف گولاٽو زخمي ٿي پيو هو، جيڪو بعد ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو،اڄ پلاند ۾ گولاٽا برادري جي ماڻهن حاڪم علي چاچڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.ٻي طرف  مقتول نوجوان حاڪم علي چاچڙ جي وارثن ٻڌايو ته گولاٽا برادري جي هٿياربندن سُتل نوجوان کي گوليون هڻي بيگناهه قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي، قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.