بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور ويجهو گبلو پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳاڙھي موري واري علائقي ڳوٺ بگڙو باجڪاڻي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي گهرواري مسمات آمنه خاتون کي قتل ڪرڻ بعد لاش گم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گبلو پوليس موجب جوابدار مڙس علي گوهر باجڪاڻي پنهنجي ساٿين سان گڏجي گهرواري آمنه خاتون کي ڪارنهن تهمت مڙھي قتل ڪرڻ بعد لاش کي گم ڪري ۽ گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي، مقتولا عورت جي لاش جي ڳولا ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.