بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو گبلو پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ عبدالواحد گولو مان ٻه ڀائر مبينا طور اغوا، ذريعن موجب ٻئي ڀائر دين محمد ۽ حيدر علي گولو ڳوٺ ۾ سرن جي بٺي تي ستل هئا ته اڻڄاتل هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي فرار ٿي ويا، وارث پيرا کڻي ڪچي روانا ٿي ويا، ٻنهي ڀائرن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، گبلو پوليس سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگهيو، گبلو ۽ مياڻي ٿاڻن جي حدن مان مغوين جو انگ وڌي  4 ٿي ويو.