بخشاپور: باهه وسائڻ دوران زخمي ٿيل فوجي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

0
335

بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور ويجهو يونين ڪائونسل بڊاڻي ۾ چار ڏينهن اڳ آئل ايجنسي کي لڳل باهه کي وسائڻ دوران زخمي ٿيل فوجي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوجي نوجوان مراد علي چاچڙ جو گذريل چئن ڏينهن کان پنو عاقل ڇانوڻي ۾ علاج هلندڙ هو جيڪو صحتياب نه ٿي سگهيو، فوجي نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد اباڻي ڳوٺ آندو ويو، جنهن سبب سموري علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو.