حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران ”استاد بخاري جي شاعري ۾ ٻولي جون حسناڪيون“ جي عنوان سان آن لائين مباحثو ٿيو. آن لائين مباحثي ۾ سنڌي ٻولي جا ناميارا شاعر ۽ ليکڪ علي دوست عاجز ۽ علي آڪاش مھمان طور شريڪ ٿيا. مذاڪري جي ميزبان سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري ۽ نامياري محقق ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته اسان سنڌي ٻولي جي ناميارين شاعرن ۽ عالمن جي سنڌي ٻولي بابت ڪيل خدمتن جي سلسلي ۾ پروگرامن جي هڪ سيريز ترتيب ڏني وئي آهي. اڄ انهي سلسلي جي ڪڙي طور استاد بخاري جي شاعري ۾ ٻولي جون حسناڪيون موضوع تي هي مذاڪرو رکيو آهي. استاد بخاري جي ٻولي جو اسلوب ۽ لھجو منفرد آهي. هن جي شاعري ۾ موجود تشبيھون، ترڪيبون، تجنيسون ۽ استعارا بيحد حسين آهن. مذاڪري ۾ ڳالھائيندي علي دوست عاجز چيو ته جيڪو وڏو شاعر هوندو آهي، اهو ڪيترن دورن جو شاعر بڻجي ويندو آهي. ڪنھن شاعر کي صرف عوامي شاعر چئي ڇڏڻ به ان کي نظرانداز ڪرڻ جو طريقو آهي. هزارين ڪيسٽي شاعر به عوامي شاعر سڏبا رهيا آهن جيڪي هڪ دور تائين رهيا پر استاد بخاري پنھنجي ٻولي ۽ انداز جي ڪري ئي عوامي شاعر سڏجي ٿو جيڪو هر دور جو شاعر آهي. هن چيو ته نامياري شاعر علي آڪاش چيو ته شاھ لطيف کانپوءِ شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ استاد بخاري سنڌي ٻولي جا وڏا شاعر هئا. استاد بخاري ڌرتي جي نج ۽ عام واهپي وارن لفظن کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ان ڪري ئي هو عام ماڻھو سان جڙي  ٿو، هن ڪچي ۽ ڪاڇي جي سنگم واري ٻولي کي پنھنجي شاعري ۾ ايئن استعمال ڪيو جو هر پڙهندڙ ان کي پنھنجو محسوس ڪري ٿو. هن چيو ته استاد بخاري جي شاعري ۾ عام ماڻھو جي نمائندگي ان ڪري لڳي ٿي جو هن عام ماڻھو جي نج ٻولي کي استعمال ڪيو آهي. استاد بخاري گيت کي روايتي انداز مان ڪڍي نئين انداز ۽ لھجي ۾ لکيو. هن چيو ته استاد بخاري فڪري خيال کي به عام ماڻھو جي ٻولي ۾ پيش ڪيو. سندس مقبوليت نج ٻولي، عوامي انداز ۽ روايتن کان هٽي ڪري شاعري ڪرڻ جي ڪري آهي. هو هر دور جو شاعر آهي.