ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري ڦاٿل بحري جهاز کي ڪڍڻ لاءِ ٽئين ڏينهن به  جاري آپريشن  نتيجا نه ڏئي سگهيو، بحري جهاز کي ڪڍڻ لاءِ ٽي ڏينهن اڳ شروع ڪيل آپريشن ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي مل پر ساڳئي ڏينهن تي ئي جهاز کي ڇڪڻ لاءِ استعمال ڪيل فولادي رسو ٽٽي پيو، جنهن بعد لهرن جهاز کي ٻيهر پوئتي ڌڪي ڇڏيو، جنهن ڪري  بحري جهاز ڪي پي ٽي تائين  پهچي نه سگهيو، ڪالهه جهاز کي ڪي پي ٽي تائين پهچائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوشش ڪئي وئي پر نتيجا سامهون نه اچي سگهيا، ان حوالي سان جهاز جي ڪيپٽن عاصم ٻڌايو ته جهاز کي اونهي پاڻي تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪريون پيا پر پاڻي گهٽ هجڻ سبب آپريشن ملتوي ڪيو ويو آهي، اڄ ٻيهر جهاز کي ڪي پي ٽي  تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.