ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت بحريا ٽائون جي زمينن جي سروي لاءِ   ڪراچي جي ڪمشنر جي سربراهي ۾ 10 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، زمين جون تصويرون ۽ گوگل ميپ ٽوپوگرافڪ رپورٽ ستن ڏينهن اندر پيش ڪرڻ جي هدايت، ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بحريا ٽائون ۾ آيل  زمينن جي جاچ لاءِ ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ 10 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، ڪاميٽي ۾ ايم ڊي اي چيف، ايس بي سي اي چيف، ملير ۽ ڄامشوري جا ڊي سي،  ٻيلي کاتي جو چيف ڪنزرويٽر، وائلڊ لائيف جو ڊي جي، سروي آف پاڪستان جو نمائندو، ڊائريڪٽر سروي اينڊ سيٽلمينٽ بورڊ آف روينيو سنڌ ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن جو هڪ نمائندو شامل هوندا، ان سلسلي ۾ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪاميٽي طئي ڪندي ته بحريا ٽائون  جي پنهنجي ڪيتري زمين آهي؟ ڪاميٽي اهو به ڏسندي ته بحريا ٽائون ڪيتري اضافي زمين تي قبضو ڪيو آهي؟ ڪاميٽي بحريا ٽائون پاران خانگي مالڪن کان خريد ڪيل زمينن بابت جاچ ڪري ستن ڏينهن اندر چيف سيڪريٽري کي رپورٽ پيش ڪندي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ زمين جون تصويرون ۽ گوگل ميپ ٽوپوگرافڪ پڻ پيش ڪندي.