ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب ڪورٽ بحريا ٽائون ڪراچي کي 17 هزار ايڪڙ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ بابت داخل ريفرنس ۾ ملڪ رياض، سندس پٽن علي رياض ۽ زين ملڪ سميت 10 ڄڻن جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڪالهه ٻڌڻي دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو اڳوڻو ڊي جي منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻيا پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چيو ته ملڪ رياض، علي رياض، زين ملڪ، وقاص، وسيم، فيصل سرور قريشي، محمد اويس سميت 10 جوابدارن عدالتي سمن جي تعميل نه ڪئي آهي، ملڪ رياض راولپنڊي ۾ داخل ڪيل ريفرنس ۾ پڻ مفرور آهي، وڪيل شوڪت حيات چيو ته نشاط، شعيب ۽ مستفيظ سميت 4 جوابدارن ضمانت ورتي آهي، ياد رهي ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھه سميت ٻن ڄڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ضمانت حاصل ڪئي هئي.