بحرانن ۾ رهڻ جا عادي ماڻهو

0
113
عمران خان جي استقامت ۽ تشڪيل ڪار جو تاءُ!

 منهنجو هي ڪالم ٻن ٽڪرن تي مشتمل آهي. پهريون ٽڪرو “بحرانن ۾ رهڻ جا عادي ماڻهو ” تي مشتمل آهي جنهن کي توهان هينئر پڙهي رهيا آهيو. ٻيون  ٽڪرو “بحرانن جا شوقين ماڻهو ” جي عنوان سان هوندو جيڪو توهان کي هن ئي مهيني جي اندر پڙهڻ جي لاءِ ملندو. چون ٿا ته سڪندرِ اعظم دنيا جهان لتاڙڻ ۽ فتح ڪرڻ بعد جڏهن اسان واري پرڳڻي ۾ داخل ٿيو هو، ۽ جڏهن ان، هِن خطي ۾، مينهن جي ڌڻن کي ٻنيون لتاڙيندي، چرندي، گهمندي ڦرندي، ۽ پاڻي جي گندن تلائن ۾ ليٿڙيون پائيندي ۽ ويهندي ڏٺو هو ته پنهنجي فوجي ڪمان کي گهرائي چيو هئائين ته “فڪر نه ڪريو اسان هتي به سوڀارا ٿينداسين.” فوجي ڪمان پاران جڏهن ان جو سبب پڇيو ويو ته جواب ۾ صرف ايترو چيائين ته، “جنهن خطي جا ماڻهو پنهنجي زرخيز مال کي پاڻي جي گندن تلائن ۾ ڇڏي ڏين. پنهنجي زرخيز زمينن جي ڪا مالڪي نه ڪن. هنن ۾ سڀڪجهه قسمت تي ڇڏي ڏيڻ جي روايت ۽ عادت عام هجي ته يقين ڪريو اسان آرام سان هن خطي کي به فتح ڪري وينداسين.” ۽ ايئن ئي ٿيو

هو اڳتي وڌندو آيو ۽ عوام پاران ڪا خاص مزاحمت نه ڪئي وئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو پنهنجي بيماري يا ڪنهن سياسي مجبوري سبب هتان واپس موٽيو ۽ رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو هو. پر هو هن خطي جي ماڻهن جي نفسيات جي جيڪا پرک ڪري ويو آهي، ڇا اسان اڄ به ايئن نه آهيون؟  دنيا، ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جا ڏاها ماڻهو هي ڳالهيون ڪري ويا آهن ۽ ڪري رهيا آهن ته جنهن خطي جو عوام، يا ماڻهن جي گهڻائي، ظلم ۽ ڏاڍ سهڻ کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏي ٿي، ۽ پاڻ کي تڪليفن، غيرمستحڪم سياسي حالتن، اڻ چِٽي معاشي مستقبل ۽ بي ترتيب ماحول جي ميل جول جي رحم ڪرم جي حوالي ڪري ڇڏي ٿي، سختگير قسم جي دنيا جوڙي، ان ۾ رهڻ کي پنهنجي قسمت جو کيل سمجهڻ لڳي ٿي ته اهڙي قسم جو عوام پاڻ سان ٿيندڙ ويڌنن جو نه حساب ڪتاب ڪري سگهي ٿو، نه ماڻهن جي گهڻائي تبديل ٿيڻ جي لاءِ تيار هجي ٿي

ها هي سچ آهي ته عام ماڻهو جڏهن تڪليفن ۾ هوندو آهي  ته هو وڏي پيماني تي پاڻ سان ٿيندڙ انيائن تي کُلي ڪري ڳالهائيندو آهي، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظهار به خوب ڪندو آهي پر جيئن ئي سندس  اهي تڪليفون پويان پير ڪنديون آهن ته هو به رٻڙ وانگي ساڳي حالت ۾ اچي ويندو آهي. بلڪل ايئن پيو محسوس ڪرائيندو آهي ته ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. سال 2010ع، ۽ 2022ع جي ٻوڏن جي تجربن ۽ مشاهدن ته اسان کي ايئن ئي ٻڌايو آهي. هنن موضوعن تي ڪيترائي ڪالم، ڪتاب ۽ موادَ دستياب آهن جن کي اسان پڙهيو آهي ۽ پڙهي رهيا آهيون. هن قسم جي ڪالمن ۽ ڪتابن کي لکڻ وارا اسان جهڙا، ڪي معمولي لِکاري نه، پر مڃيل ليکڪ آهن، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيز جون ڊگريون رکندڙ آهن. موضوع ۽ مهارت جي حساب سان دنيا ۽ سنڌ جي ليکڪن ۾ فرق ته ٿي سگهي ٿو پر سندن علمي قد ڪاٺ ۾ ڪو نمايان فرق نظر نه ايندو آهي. جيڪڏهن ڪو فرق آهي ته اهو هي آهي ته دنيا جا ڏاها تمام گهڻو پڙهيل لکيل ۽ عالمي پايي جا محقق هوندا آهن. اهي پنهنجي علمي سگهه جي بنياد تي اهي اهي علمي ڳالهيون ڪندا آهن جو سندن  ڪمن ۽ مطالعن کي پڙهي اسان نه صرف دنگ رهجي وڃون ٿا پر سندن  اهي ڳالهيون ثابت به ٿينديون رهن ٿيون. ۽ توڙي جو اسان جا ڏاها گهڻا پڙهيا لکيا يا ايم فل يا پي ايڇ ڊيز ته ناهن هوندا پر فطرتي سگهه، عطا ڪيل ڏاهپ ۽ پنهنجي تجربي جي روشني ۾، عوام جي جاري روش مان ۽ ڪجهه پنهنجي ذاتي مشاهدي جي بنياد تي اڳڪٿيون ڪري ايندڙ امڪاني خطرن، سازشن، امڪاني بحرانن جي باري ۾ اسان ۽ توهان جي رهنمائي پيا ڪندا رهندا آهن. اهڙوئي هڪ ڪالم ۽ ذاتي مشاهدو ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي نظر مان به گذريو آهي. ڪالم لکندڙ جو نالو “آندريَ اسپائسر” آهي. آندريَ اسپائسر، لنڊن جي “سٽي يونيورسٽي” جي “بزنيس اسڪول” ۾ تنظيمي روين  (آرگنائيزيشنل بهيويئر) جو پروفيسر آهي. هو مشهور ڪتاب “بزنيس بُلشٽ” جو ليکڪ پڻ آهي. هو اڄڪلهه جي بحرانن جي باري ۾ لکي ٿو ته بحرانن جي دنيا 2023ع ۾، اسان جي ذهني صحت جي لاءِ پاڻ وٽ ڇا کڻي اچي رهي آهي؟ يعني هن سال اسان ڪهڙين ڪهڙين مصيبتن کي منهن ڏينداسين. هو لکي ٿو. “1940ع ۾، جڏهن نازي فوجي پيرس ۾ داخل ٿي رهيا هئا ته جرمن-يهودي ادبي نقاد ۽ شوقين جمعڪار (ڪليڪٽر) “والٽ بينجمن” کي هي سڌ هئي ته هن کي شهر مان ڪنهن محفوظ هنڌ ڏانهن ڀڄڻو آهي. نڪرڻ کان اڳ ۾، هن پنهنجي سڀ کان وڌيڪ قيمتي شيءَ کي پنهنجي هڪ دوست “جارج بٽيلي” جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن وري ان کي فرانسيسي نيشنل لائبرري جي محفوظات (آرڪائيو) ۾ لڪائي ڇڏيو

والٽ بينجمن جي اها بهترين شيءَ، مشهور چِترڪار (آرٽسٽ) “پال ڪليِ” جو “اينجلسَ نووس (Angelus Novus)” جي عنوان سان هڪ زبردست قسم جي نقش ڪاري (پينٽنگ) وارو ڪم هو. اها نقش ڪاري هڪ ننڍڙي فرشتي جي آهي، جنهن جا پرَ ڦهليل آهن، ۽ بينجمن بيان ڪري ٿو ته ڪيڏي نه خوبصورتيءَ ۽ زبردست طريقي سان فرشتي جي منهن کي ماضي جي ڀيانڪ شڪل ۾ بيان ڪيو ويو آهي جيڪو  تاريخ کي هڪ مڪمل تباهي جي صورت بيان ڪري جيڪا ڍڳ مٿان ڍڳ لڳي پئي آهي. بينجمن جي لفظن ۾ ويهين صدي جي شروعات واري زماني ۾ ختم نه ٿيندڙ طوفان کي، جهڙي طرح سان نقش ڪاري جي ذريعي، فرشتي جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي ان کي اسي سال گذري ويا آهن. ايتري عرصي گذرڻ بعد به، ڪولنز جي انگلش ڊڪشنري به بحرانن جي وصف کي بيان ڪرڻ جي لاءِ هاڻوڪي تاريخ جي باري ۾ لڳ ڀڳ ساڳي ئي نتيجي تي پهتي آهي.” ڪالم کي پڙهڻ بعد جڏهن نيٽ تي وڃي ان نقش ڪاري کي ڏٺو ته ڪليِ جي فرشتي جي منهن تي تباهي جي آثارن جي حوالي سان جيڪو تاثر اسي سال پهريان نظر اچي رهيو آهي، پنهنجي ارد گرد جي ماحول کي ڏسندي ۽ سياست جي رنگ بازين کي محسوس ڪندي مونکي اڄ به اها ساڳي تباهي ئي نظر اچي رهي آهي. فرق صرف هي آهي ته اسي سال اڳ تباهي جنگين جي سبب هئي ۽ هاڻي اها ضابطي ۾ نه ايندڙ معيشت ۽ سياستدانن جي عوام سان ٿيل جٺين جي ڪري آهي. مهانگائي تي ڇا لکي ڇا لکجي. ٻوڏن ۽ دربدري تي ڇا لکجي، عوام سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين کي اڃان ڪهڙا سڱ ٿيندا آهن، سو نقش ڪاري ان وقت جي تباهي جي جيڪا صورتحال بيان ڪري ٿي ۽ جيڪا تباهي هن وقت اسان سڀ سنڌ ڌرتي تي ڏسي رهيا آهيون. ان به هڻي وڃي هنڌ ڪيا آهن. سنڌ ۾ اها ڪهڙي شيءَ آهي جيڪا مثالي آهي! تباهي جيڪا هاڻي اسان کي بحرانن طرف کڻي وڃي رهي آهي، مصيبت هي آهي ته ان جي پڄاڻي به نظر ڪونه پئي اچي. اسان سڀ تباهين ۽ بحرانن ۾ رهڻ جا عادي بڻجي ويا آهيون. اسان تباهين ۾ رهڻ کي پسند ڪريون ٿا نه صرف ايترو پر انهن کي پنهنجي زندگي بڻائي ڇڏيو آهي. نه ته 2010ع جي ٻوڏ بعد اسان جي عوام ۾ تبديلي اڻٽر هجي ها پر ٻڏڻ بعد به عوام جي روين ۾ ڪابه تبديلي ڪانه آئي. ان جو نتيجو وري اهو نڪتو آهي جو عوام کي وري 2023ع جي برساتي ٻوڏ جو مزو چکايو ويو. سو بحرانن جي ڌرتي جي باشندن جي شهرن ۾ هن وقت مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن. ڪارنر گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن. اميدوار پنهنجي پنهنجي ورڪ ۾ اڳيان اڳيان آهن سواءِ حڪومتي پارٽي جي اميدوارن جي باقي سڀ اميدوار عوام سان ملي به رهيا آهن ۽ تڪن ۾ ترقياتي ڪمن ڪرائڻ، صفائي سٿرائي جي نظامن، گِهٽين ۾ روشني جون ڳالهيون به ڪري رهيا آهن. سٺي ڳالهه آهي ته انهن اميدوارن وٽ جيڪي آزاد حيثيت ۾ چونڊون وڙهي رهيا آهن، ڪم ڪرڻ جو جذبو به آهي ته توانائي به. پر جڏهن اهي کٽي اچن ٿا ته ڪنهن نه ڪنهن مجبوري يا ذاتي مفاد خاطر انهن ئي پارٽين سان جڙي وڃن ٿا جن سنڌ کي تباهين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. پنهنجي سانڀر ۾ پهريون ڀيرو ڏسي رهيو آهيان ته جنهن پارٽي جي سامهون چڱا ڀلا ماڻهو هارائي ويندا هئا اها پارٽي هن وقت معمولي اميدوارن سان ساز باز ڪري انهن کان هٿ کڻائڻ جي چڪر ۾ مگن آهي ته ٻئي طرف وري چونڊن کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ ۽ پنهنجي اتحادين جي من مانين کي مڃڻ جي لاءِ حڪومتي سطح تي ٽڪساٽ ڪرڻ سان گڏ ٻيو به گهڻو ڪجهه ڪندي نظر اچي ٿي ۽ پريشان به. يعني اها پارٽي به هن وقت عوام ۾ پنهنجو اعتماد وڃائي رهي آهي. آخر ۾ جرمن تاريخدان رينهارٽ ڪوسيليڪ جي ان ڳالهه جو ذڪر ڪندو هلان جنهن ۾ هو چئي ٿو ته، “اسان گذريل 230 سالن کان مستقل طور تي بحرانن مان گذري رھيا آھيون. فرانسيسي انقلاب کان اڳ ڪوبه بحران ھڪ طبي يا قانوني مسئلو هوندو هو.” ھو لکي ٿو تھ “قديمي حڪومتن جي خاتمي کانپوءِ بحران “جديديت جي ساختي علامت”  بڻجي ويو آهي. جيئن جيئن اڻويھين صدي ترقي جون ڏاڪڻيون چڙهندي آئي آهي، بحرانن ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيندو ويو آهي: جيئن معاشي بحران، جيئن پرڏيھي پاليسين جو بحران، ۽ جيئن  ثقافتن جو بحران يا وري فڪري بحران.” پاڪستان عام طور تي ۽ سنڌ خاص طور تي اسان جي ڪرتا ڌرتائن سياست، ۽ پاليسين جي ڪري پنهنجي پهرين ڏينهن کان وٺي بحرانن جي ور چڙهيل آهي. اسان ان جا عادي ٿي چڪا آهيون ان عادت جو چٽو ۽ کرو عڪس اسان کي پنهنجي روين ۽ ورتائن ۾ خوب نظر اچي ٿو. چونڊون عام هجن يا مڪاني يا ننڍيون اسان ڪارنر گڏجاڻين ۾ حاضر ته رهون ٿا پر اسان هي سوال نٿا ڪريون ته توهان اسان جي شهرن ۽ عوام جا دشمن ڇو بڻجي ويا آهيو؟