بحرانن جي بٺيءَ ۾ سڙندڙ سياست

0
35
بحرانن جي بٺيءَ ۾ سڙندڙ سياست

مون ٻڌو آھي ته جنهن دور ۾ قومي ۽ طبقاتي بحث ڪتاب کولي ڪيا ويندا ھئا، ان دور ۾ ھڪ ترقي پسند قومي تحريڪ جي ناقابل فراموش ڪردار حفيظ قريشيءَ کي چيو ھو ته “لينن لکيو آھي: آزادي ھر قوم جو حق آھي”. ھن جي ڳالھ ٻڌي حاضر جوابيءَ جي حوالي سان مشھور جي ايم سيد جي ويجھي ساٿيءَ جواب ڏنو ھو ته، “ڪامريڊ! جيڪڏھن لينن اھو نه لکي ھا ته ڇا قومن جي آزادي انهن جو حق نه ھجي ھا؟“

                 بلڪل ھجي ھا. ائين ھجي ھا، جيئن قديم پر علم و عقل جي سلسلي ۾ دنيا جي دانش جي ھن وقت تائين حيران ڪندڙ يونان جي ڏاھي مفڪر ھيراڪليٽس لکيو: “سڀ کان وڏي ۽ بنيادي حقيقت تبديلي آھي”. جيڪڏھن ان سلسلي ۾ ھو وھندڙ نديءَ وارو مثال نه به پيش ڪري، تڏھن به پسڻ ۾ ساڳيو پاڻي لھرن جا لکين لباس تبديل ڪندو وڃي ھا!

                 تبديلي صرف ڪائنات جو آفاقي اصول ئي نه پر دنيا جو اھڙو دستور به آھي، جنهن کي تبديل ڪري نه ٿو سگھجي. ھاڻي به جڏھن ماڻھو انسانن جي ھجومن کان بيزار تي ڪنهن دلچسب يوٽيوب چينل تي ماضيءَ جي منظرن مٿان نظر وجھي ٿو، تڏھن ھن جي اندر مان اھا آھ ڪيتري نه گھرائيءَ سان ڦٽي نڪري ٿي ته “دنيا ڪيتري تبديل ٿي وئي آھي”!!.

عام طور تي تبديليءَ کي ھڪ مثبت لفظ جي حوالي سان پيش ڪيو ويندو آھي پر تبديلي لفظ پنهنجي ماھيت ۾ نه مثبت آھي ۽ نه منفي آھي. تبديلي ترقي به ٿي سگھي ٿي ۽ تبديلي تباھيءَ جي منظرڪشي ڪندڙ لفظ طور استعمال ٿي سگھي ٿي. سائنس ھن دنيا کي تمام گھڻو تبديل ڪري ڇڏيو آھي پر گلوبل وارمنگ واري مصيبت کان وٺي ماحوليات جي گھڻ پاسائين بگاڙ تائين سائنس جي ترقيءَ ۾ جيڪا ڌرتيءَ جي تباھي ٿي آھي، ان جو پورو پوتاميل ھن مھل تائين نه ٿيو آھي. ڇو ته ھن وقت به دنيا دولت جي ديواني آھي. ھن وقت به آمريڪي صدر جون اکيون امير عرب حڪمرانن جا کير جھڙي سفيد سنگ مرمر سان ٺھيل محل ڏسي چڪا چوند ٿي وڃن ٿيون ۽ ھن کان نه صرف تاج محل جا دلڪش منظر وسري ٿا وڃن پر ھن کي اھو به ياد نه ٿو اچي ته ھن جي ملڪ جا فطرت پسند مفڪر فطرت جي عزت ۽ احترام بابت ڇا لکي ويا آھن؟ ممڪن آھي ته ٽرمپ اسان جي موجوده سياسي اڳواڻن وانگر انهن جا ڪتاب پڙھيا ئي نه ھجن. بلڪه اھو به عين ممڪن آھي ته ھن اھو به نه ٻڌو ھجي ته “ٿورو” ڪير ھو؟ اھو ٿورو جنهن جو پورو نالو نالو ھينري ڊيوڊ ٿورو ھو. چون ٿا ته گانڌي ٽالسٽاءِ کان وڌيڪ آمريڪا جي ان فطرت پرست مفڪر کان متاثر ھو، جنهن سادي جيون گذارڻ ۽ پرامن شھري نافرماني ڪرڻ جو فڪر ڦھلايو ھو.

وقت گھڻو گذري ويو آھي. بظاھر ترقيءَ ڀري ۽ اصل ۾ تڪراري تبديليءَ پنهنجي ڀاڪر ۾ ھر شيءَ کي ڀري ورتو آھي. ھاڻي عرب ملڪ انهن ريگستانن جي حوالي سان ياد نه ٿا رکيا وڃن، جن مان رات ٺري سون اٺن جا قافلا ھلندا ھئا. ھاڻي واريءَ واري جھاز وارو اٺ عرب دنيا جو ثقافتي شوق آھي. ھاڻي اتي جديد سائنسي شھر جڙي رھيا آھن ۽ چون ٿا انهن ۾ ڪارون اڏامنديون نظر اينديون. ھاڻي دنيا تبديل ٿي وئي آھي. ھاڻي ھينري ڊيوڊ ٿورو جي پراڻي مجسمي کي ممڪن آھي ته آمريڪا جو نئون نسل سڃاڻي به نه سگھي ۽ روس جي نوجوانن کي اھو به معلوم نه ھجي ته وڏي ڏاڙھيءَ ۽ ويڪري ڪوٽ وارو اھو مفڪر ڪير ھو، جيڪو “امن ۽ جنگ” جي نالي سان دنيا جي مشھور ناول جو مصنف ھو.

دنيا تبديلي ٿي وئي آھي. ھاڻي ته اھو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آھي ته ڪھڙو ملڪ ڪھڙي ملڪ کان وڌيڪ تبديليءَ جي آغوش ۾ اچي ويو آھي؟ چين کي ڏسي ڪير چوندو ته ھي موالين جو ملڪ ھو؟ چين کي ڏسي ته ڪنهن کي ھاڻي اھو جڳ مشھور ليڊر به ياد نه ٿو اچي، جنهن کي ڪامريڊ مائوزيتنگ جي نالي سان لکيو ۽ پڪاريو ويندو ھو. ھاڻي ته وچ ايشيا جي پنجن ملڪن کي ڏسي يورپ جو گمان ٿيڻ لڳي ٿو. ڪير چوندو ته عرب ۽ ايشيا تي حملا ڪندڙ فوجون انهن ملڪن مان تلوارون لھرائينديون ۽ گھوڙا ڊوڙائينديون اينديون ھيون؟ ھن وقت ترڪيءَ کي ڏسي به عثماني خلافت جا وسري ويل ورق ياد ڪرڻ آسان ناھن. جڏھن ته ترڪيءَ جا ترجمو ٿيل ڊراما ڏسي نئون نسل تمام گھڻي حيرت سان سوچڻ جو حق رکي ٿو ته، “دنيا ڪڏھن اھڙي به ھئي؟” اڄ جڏھن آفريڪا ايترو گھڻو تبديل ٿي ويو آھي ته ايشيا ۾ تبديلي تي ڪنهن به اچرج ٿيڻ نه گھرجي.

ھا! جيڪڏھن تبديليءَ جي حوالي سان اڄ به ڪنهن ماڳ ايندڙ مسافرن يا اتي موجود ماڻھن کي ڪو قانوني ۽ اخلاقي حق حاصل آھي ته انهن ملڪن اندر جن ملڪن ۾ اسان واري ملڪ جو شمار دل کولي ڪري سگھجي ٿو. دنيا ۾ ڪجھھ ماڳ اھڙا به آھن، جيڪي تبديليءَ جي حوالي سان ته تڪرار جي زمري ۾ اچن ٿا پر انهن ملڪن جا نالا ترقيءَ واري لسٽ ۾ شامل ڪري نه ٿا سگھجن. انهن ملڪن ۾ صرف افغانستان ۽ ايران نه پر اھو پاڪستان به شامل به آھي، جنهن جي پيڙا وقت گذرڻ سان گھٽجڻ بدران مسلسل وڌي رھي آھي ۽ جنهن جو معاشرتي ۽ سياسي منظر بيٺل ڍنڍ جي پاڻيءَ جو عڪس پيش ڪري ٿو ۽ ان حوالي سان ڪجھ سنجيده ذھن ان بحث ۾ مصروف ملن ٿا ته معاشي ترقيءَ نه ٿي سگھڻ جو سبب سياسي آھي يا مخصوص سياست سبب ھي ملڪ ترقي نه ڪري سگھيو آھي.

سنڌ جو سدورو دانشور محمد ابراھيم جويو انگريزي لفظ “اسٽيٽسڪو” جو جيڪو سنڌي ترجمو لکندو ھو، ان جي ڀيٽ ۾ ان وقت به جمود کي سمجھڻ جي لاءِ انگريزي لفظ اسٽيٽسڪو وڌيڪ آسان لڳندو ھو. ھن وقت ته اسان جي ٻوليءَ مٿان انگريزيءَ جي ڇاپ انٽرنيٽ سبب ايتري وڌيل آھي، جيتري وڌيل انگريز راڄ به ممڪن ٿي نه سگھي ھئي. اسان جي ملڪ جو سياسي اسٽيٽسڪو دنيا ۾ بحث جو موضوع به نه رھيو آھي. ڇو ته دنيا سياسي تبديلين کان ھٽي صرف معاشي تبديلين کي اھميت ڏئي رھي آھي. اوھان ڏٺو ته آمريڪي صدر جي وچ اوڀر واري دوري دوران جيڪڏھن ڪي سياسي موضوع اسٽيج تي اظھار جي حيثيت ماڻي سگھيا ته شام مٿان ھٽيل پابنديون ۽ سعودي عرب کي اسرائيل تسليم ڪرڻ جي اپيل!! جڏھن ته ڪنهن به عرب ملڪ ۾ جمھوري عمل جي روانيءَ جو تذڪرو به ڪنهن جرنلسٽ جي ڪن تي نه پيو. جيڪڏھن امن جو حوالو آيو ته اھو به ننڍي کنڊ جي انهن ٻن ملڪ جي حوالي سان، جن لاءِ صدر ٽرمپ اھو به انڪشاف ڪيو ته انهن کي جنگ روڪڻ لاءِ واپار نه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي ھئي.

ھن دور واري دنيا ۾ طبقاتي انقلاب ڀلي ديواني جو خواب سمجھيو وڃي پر ڪارل مارڪس جي ان راءِ کي رد ڪرڻ جي طاقت ڪنهن ۾ ناھي ته سماج ۽ سياست کي ھلائڻ واري اصل سگھ جو نالو سرمايو آھي. اھو سرمايو جيڪو سائنس جي ساٿ سان ھاڻي ستارن تي ڪاميابيءَ سان ڪمند اڇلائي رھيو آھي. اھو سرمايو جيڪو قيمتي تحفن جي سونن سڳن سان صدر ٽرمپ جھڙي بي قابو شخص جا چپ به سبي ٿو ڇڏي. اھو سرمايو جنهن جي ھجڻ سبب جمھوريت ۾ آمريت ۽ آمريت ۾ جمھوريت قبول ڪندي ڪا تڪليف نه ٿي ٿئي. اھو سرمايو، جنهن سبب نه صرف جنگيون ٿين ٿيون پر جنهن سبب امن به ٿئي ٿو. اھو سرمايو جيڪو جنگ ۾ اصل سگھ سڏيو وڃي ٿو. ڇو ته ھاڻي جنگ ۾ جوان ۽ جوڌا نه پر وڏي حوالي سان ميزائل ۽ ننڍي حوالي سان اھي ڊرون بحث جو موضوع بڻيل آھن، جيڪي جنگي جنرلن ۽ سپاھين جو روپ ڌاري چڪا آھن. اڳ ۾ جنگيون جيتڻ جي حوالي سان اليگزينڊر، نپولين ۽ چنگيز توڙي ھلاڪو خان جا نالا کنيا ويندا ھئا، جڏھن ته ھاڻي فرانس جي رافيل جھاز ڪيرائيندڙ ميزائل پي ايل 15 جا نالا کنيا ٿا وڃن. تبديليءَ جي تصوير صرف پرامن شھرن جا منظر پيش نه ٿي ڪري پر جتي اک ڇنڀ ۾ بارودي باھ جا شعلا ڌرتيءَ کان آسمان طرف اڏامن ٿا، انهن جنگي ميدانن جي جيت ۽ ھار سرمائي سان مشروط بڻائي وئي آھي.

دنيا تبديل ٿي وئي آھي ۽ اڃان به تبديل ٿي رھي آھي بلڪ تبديل ٿيندي رھندي. ڇو ته ڪائنات ۾ سڪوت فطرت سان ھم آھنگي نه ٿو رکي پر چشم حيرت ۾ پنهنجي ملڪ جو منظرنامو چڀي رھيو آھي. ڇو ته دنيا جي جن ملڪن جي سياست، سرمايو ۽ رياست متحرڪ آھن، انهن ملڪن ۾ پنهنجو شمار پڇاڙيءَ ۾ آھي. پاڪستان پير پير ۾ رکي جمھوريت ۽ جديديت طرف جيڪو به سفر ڪري ٿو، اوچتو ڪو جھٽڪو پوري سفر جو فاصلو گھٽائي اسان جي ملڪ ۽ معاشري کي ان ھنڌ تي آڻي بيھاري ٿو، جتان ڪيئي سال اڳ سفر شروع ڪيو ويو ويو ھو.

مون کي معلوم ناھي ته سياسي، سماجي ۽ اقتصادي جمود جن بحرانن کي جنم ڏيندا آھن، انهن ۾ به چرپر جا قاعدا پنهنجن اصولن جي پوئواري ڪندا آھن يا نه!؟ ممڪن آھي ته دنيا ۾ ترقي پسند تبديليءَ جي تقاضا جديد جيٽ جھاز جي رفتار سان پنهنجي راھ تي رمندي ھجي ۽ ممڪن آھي ته اسان وٽ سياست ۽ سماج جي فطري ارتقاءَ ان جيت جي رفتار سان رستي ھلندي ھجي، جنهن رفتار جي بهترين تشبيھ انگريز شاعر شيڪسپيئر پنهنجي جڳ مشھور ناٽڪ ”As You like It“ ۾ انسان جي زندگيءَ جون ست اسٽيجون بيان ڪندي، جيڪا ٻيون نمبر وھي بيان ڪئي آھي ۽ جنهن ۾ ھن چيو آھي ته ھو ننڍڙي ٻار وانگر بي دليءَ سان اسڪول طرف ننڍڙي جيت وانگر چرندو وڃي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن اھا سچائي شدت سان محسوس ٿيندي آھي ته مخصوص سببن جي ڪري اسان جو ملڪ به بي دليو اسڪول ويندڙ ٻار آھي ۽ ھن جي اوسر مٿان ڪنهن نه بيان ڪري سگھندڙ سبب جو ايترو اثر آھي جو جن جن ماڳن تي به جمود جا چنبا پنهنجي معاشري جي ماس ۾ کتل آھن، انهن جمودن کي جڙ اسان جي آس پاس آھي.