عيد کان پوء ٽئين ڏينهن تي ايندڙ مالي سال 26-2025 جي وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ لاء قومي اسيمبلي جو اجلاس ڏھ جون تي طلب ٿي چڪو آھي جڏهن ته ان کان به هڪ ڏينهن اڳ يعني 9 جون تي اقتصادي سروي رپورٽ جاري ڪرڻ جو اعلان ٿي چڪو آھي مطلب ته هن ڀيري عيد موڪلون ڪيترائي سرڪاري ملازم سڪون سان نه ڪري سگهندا , قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي نه عيد جي ٻئي يا وڌ ۾ وڌ عيد جي ٽيئن ڏينهن بعد اسلام آباد پهچڻو پوندو اهڙي صورتحال آء ايم ايف بهادر سان بجيٽ جي مامرن تي وقت سر اتفاق نه ٿي سگهڻ سبب پيدا ٿي آھي اگر آء ايم ايف سان بجيٽ مامرن تي بروقت اتفاق ٿي وڃي ها ته پوء وفاقي بجيٽ ٻه جون تي پيش ٿي وڃي ها عيد کان اڳ چئني صوبن جون به بجيٽون پيش ٿي وڃن ها پر آء ايم ايف سان بجيٽ مامرا طئه ٿيڻ ۾ دير سبب هاڻي عيد کان فورن بعد بجيٽ پيش ڪرڻ ۽ ان جي منظوري جي مرحلن جي تياري ڪئي وئي آھي ان ڪري هن ڀيري بجيٽ تي بحث لاء ماضي جيترو وقت به مشڪل سان ملي سگهي ۽ هاڻي شايد سمورا مرحلا مڪمل ڪرڻ لاء قومي اسيمبلي جو اجلاس ڇنڇر ڏينهن به ڪرڻو پئجي وڃي.
اسان جي ملڪ ۾ گهڻي عرصي کان بجيٽ ۾ رليف ملڻ واري اميد عام ماڻهو پلي چڪا آھن مان سمجهان ٿو ته اگر ڪنهن عام ماڻهو کان اهو سوال پڇجي ته بجيٽ مان اوهان کي ڪهڙيون اميدون آھن ته شايد ئي ڪو به عام ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ آساني پيدا ٿيڻ جي اميد جو اظهار ڪري سگهي عام ماڻهو جي سوچ انهي سطح تي ڊگهي وقت جي تجربي سان آئي آھي. هن ڀيري جيڪي اطلاع سامهون اچي رهيا آھن انهن تي غور ڪجي ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هي بجيٽ به عام ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ ورتل زندگي کي وڌيڪ مشڪل بنائڻ جا امڪان کڻي اچي رهي آھي اهو ان ڪري چئي رهيو آھيان جو آء ايم ايف پيٽروليم مصنوعات تي ليوي ستر روپيا ليٽر جي حد ختم ڪرائي چڪو آھي مٿان پيٽروليم مصنوعات جي في ليٽر تي 2 کان 3 روپيا ڪاربان ليوي لاڳو ڪرڻ جي شرط لڳائڻ سان گڏ بجلي جي قيمتن ۾ بروقت واڌ ,سرڪيولر ڊيٽ جي خاتمي جي شرط سان گڏ بجلي سستي ڪرڻ واري وزير اعظم جي تجويز رد ڪري چڪو آھي نه رڳو اهو پر آء ايم ايف عام ماڻهن کي سبسڊي ڏيڻ , ساڍا ٻارنهن ايڪڙ جي نوي لک ننڍن آبادگارن جي رليف پيڪيج تي به اعتراض واري چڪو آھي مٿان وري حڪومت ايف بي آر جي نااهلين ,ڪرپشن کي ختم ڪري مامرا بهتر ڪرڻ بجاء بجيٽ ۾ اهڙا رستا اختيار ڪرڻ جي تجويز تي ڪم ڪم ڪري رهي آھي، جنهن سان عام ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيندو مٽال طور تي حڪومت هن بجيٽ ۾ نان فائلر جي ڪيٽيگري کي ختم ڪري نان فائلرز کي هاڻي “نااهل ” جو خطاب ڏيڻ جي تجويز تي ڪم ڪري رهي آھي اگر بجيٽ ۾ اهڙو اعلان ڪيو وڃي ٿو ته پوء هاري هجي يا مزدور , بي روزگار هجي يا , گڏھ گاڏو هلائيندڙ هجي يا ريڙهو هڻي گذر سفر ڪندڙ يا ملن ,دڪانن يا بجي معمولي نوڪري ڪندڙ ورڪر هجن انهن کي اگر نااهل جي لقب کان بچڻو آھي ته کين وڪيل ڪري ٽيڪس گوشوار هر سال جمع ڪرائڻا پوندا، ٻي صورت ۾ نااهل جو لفظ هر هنڌ کين هر مامري ۾ نااهل جي قطار ۾ بيهاري بيٺو هوندو.
ايف بي آر ۽ حڪومت جي افلاطونن هڪ اها تجويز به تيار ڪئي آھي ته روڪ خريداري جي حوصلا شڪني لاء ڊجيٽل خريداري جو طريقو متعارف ڪرايو ويندو. هاڻي هاري هجي يا مزدور يا عام ماڻهو کيس بينڪ ۾ اڪائونٽ کولرائي اي ٽي ايم حاصل ڪرڻو پوندو ٻئي صورت ۾ هو ڊجيٽل خريداري نه ڪري سگهندا ۽ پوء مشڪلاتن کي کين منهن ڏيڻو پوندو هن ڊجيٽل دور ۾ ٿيڻ ته ائين گهرجي ته زمين کان فيڪٽري تائين , دڪانن کان گهرن تائين ,بينڪ اڪائونٽن کان هر قسم جي ملڪيت تائين جا سرڪار وٽ تفصيل موجود آھي سرڪار هر ماڻهو جي ملڪيتن آڌار کيس اڇو چٽو ٺاهي حوالي ڪري انهن کان ٽيڪس وصول ڪري ۽ عام ماڻهن جو جيئن مشڪل نه ڪري پر لڳي ٿو ته اسان جي حڪومتي کاتن مامرا بهتر نه ڪرڻ جو قسم کنيو آھي ۽ سرڪاري ادارن جي نااهلين جو سمورو بار عام ماڻهن تي وجهڻ جو ڄڻ سرڪار قسم کنيو آھي مثال طور تي امتحانن ۾ ڪاپي يا پيسن عيوض مارڪون ۽ گريڊ ملڻ جو عمل لاڳاپيل کاتن جي نااهلي سبب عروج تي پهتو ان ناڪامي جي ذميوارن کي سزا ڏيڻ بجاء حڪومتن سڃي ملڪ جي شاگردن کي اها سزا ڏني ته هاڻي پهرين درجي کان مٿين ڪلاسن تائين داخلا لاء ڪو به شاگرد وڃي ته ان کي انٽري ٽيسٽ ڏيڻي پوي ٿي ,ذهني پريشاني سان گڏ معاشي طور بار به برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آھي جنهن عمل به غريب ماڻهن جي ٻارڙن لاء پڙهائي کي مشڪل بنائي ڇڏيو آھي.
خير پاڻ وري واپس اچون ٿا بجيٽ تجويزن واري بحث طرف ته هي بجيٽ به عام ماڻهن لاء شايد انگ اکرن جو گورک ڌنڌو ئي ثابت ٿي پر هي بجيٽ چئن ڏينهن جي پاڪ ڀارت جنگ بعد دفاعي خرچن ۾ غيرمعمولي واڌ جي اهڃاڻ کڻي اچي رهي آھي. ترقياتي بجيٽ ۾ ته مجموعي طور تي ڪٽ لڳو آھي. هلندڙ مالي سال لاء قومي اسيمبلي 14 ارب جي ترقياتي بجيٽ منظور ڪئي پر بجيٽ منظور ڪرڻ بعد حڪومت ٽي سئو ارب جو ڪٽ لڳائي ان کي يارنهن سئو ارب ڪري ڇڏيو پر 30 جون تائين يارنهن سئو ارب مان به رڳو 596 ارب روپيا خرچ ٿي سگهندا. هلندڙ مالي سال لاء قومي اسيمبلي 14 سئو ارب جي ترقياتي بجيٽ منظور ڪئي پر ايندڙ مالي سال جي لاء 1 هزار ارب جي وفاقي ترقياتي بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آھي پر دفاعي وزارت جي ترقياتي بجيٽ ۾ ٻيڻ تي واڌ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آھي پر اعلي تعليم جي ترقياتي بجيٽ 61 ارب کان گهٽ ڪري 45 ارب رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ائين جاري خرچن جي مد ۾ به دفاعي بجيٽ ۾ غيرمعمولي واڌ جو امڪان آھي نه رڳو ايترو ايندڙ مالي سال دورن ورتل قرضن تي وياج جي مد ۾ ادائگين لاء گهٽ ۾ گهٽ ساڍا اٺ هزار ارب رکڻا پوندا بجٽ خسارو پورو ڪرڻ لاء ساڍا ڇھ هزار ارب روپين جا قرض حاصل ڪرڻا پوندا ۽ چين، سعودي، يو اي اي جا جيڪي قرض ايندڙ سال ادا ڪرڻا آھن انهن جي ادائگي هڪ سال لاء ري شيڊيول ڪرائڻي پوندي اهڙي صورتحال ۾ غريب طبقي جي بي وسي ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته طاقتور طبقو ان بي وسي جي ڪيفيت کان پري رهي سگهندو
باقي بجيٽ مان سرڪاري ملازمن کي اميدون وابستا هونديون آھن. اهو ئي سبب آھي ته بجيٽ پيش ٿيڻ واري ڏينهن تائين سرڪاري ملازم اهو سوال ڪندا آھن ته پگهارن ۾ ڪيتري واڌ ٿي رهي آھي هن ڀيري ته پگهاردار طبقي لاء واقعي ئي بجيٽ آسانيون پيدا ڪرڻ جا امڪان کڻي ايندي. اطلاع آھن ته پگهاردار طبقي جي تمام سليبن تي انڪم ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪرڻ تي آء ايم ايف حڪومت سان اتفاق ڪيو آھي. چيو وڃي ٿو ته ايندڙ بجيٽ ۾ پنجاھ هزار ماهوار پگهار بجاء 83 هزار روپين تائين ماهوار پگهار ٽيڪس فري ڪرڻ جو اعلان ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ماهوار هڪ لک پگهار تي انڪم ٽيڪس پنج سيڪڙو مان گهٽ ڪري اڍائي سيڪڙو تي ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ماهوار هڪ لک ٽياسي هزار پگهار تي انڪم ٽيڪس پنڌرنهن سيڪڙو کان گهٽ ڪري ساڍا ٻارنهن سيڪڙو ڪرڻ ,ٻه لک 67 هزار پگهار تي انڪم ٽيڪس 25 سيڪڙو کان گهٽ ڪري ساڍا ٻاويھ سيڪڙو ڪرڻ , ماهوار 3 لک 33 هزار پگهار تي ٽيڪس ۾ اڍائي سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز تي ڪم ٿي رهيو آھي جنهن جو بجيٽ ۾ اعلان متوقع آھي. ائين صنعت ڪارن کي به پگهاردار طبقي وانگر ٽيڪس بار باوجود ڪجھ نه ڪجھ ڪنهن صورت ۾ رليف ملڻ جو امڪان هوندو آھي ۽ کين رليف ملندو به آھي انهن سان اڪثر طور تي ناڻي وزارت اجلاس ڪري مشاورت بعد بجيٽ تجويزن کي حتمي صورت ڏيندي آھي. باقي عام ماڻهن کي ڪهڻ لاء ناڻي وزارت دراز ۾ هڪ مڏي ڇري عرصي کان سنڀالي رکي آھي، جيڪا هر سال عام ماڻهن تي استعمال ڪري وري ايندڙ سال لاء سنڀالي رکي ويندي آھي. هاڻي عوام جا مفاد تقريرن تائين محدود آھن. هاڻي نه اهي ليڊر رهيا آھن جن لاء اکيون بند ڪري ڪو چئي سگهي ته هن عوامي ليڊر لاء عوامي مفاد سڀ کان عزيز آھن.
هن وقت ملڪ جمهن صورتحال مان گذري رهيو آھي ان بابت ڪجھ تجزيي نگارن جو خيال آھي ته طاقتور ڌريون انتهائي گهڻو طاقتور ٿيڻ جي صورتحال مان لطف اندوز ٿي رهيون آھن , اقتداري مامرن ۾ انهن جي گرفت مضبوط کان مضبوط ٿي رهي آھي, ملڪ ۾ بظاهر هلندڙ جمهوري سسٽم هڪ نئين هائبرڊ نظام جو ڏيک ڏيڻ لڳو آھي, ملڪي وهنوار هلائڻ لاء آئين ,قانون جو ته آئيڊيل جمهوري نظام موجود آھي پر بظاهر انهي نظام ۾ رهي مامرا هلائڻ لاء جيڪي طريقا دريافت ٿيا آھن، انهن آئين ۾ ٻڌايل عوامي جمهوري حڪمراني کي سوال اڀا ڪيا آھن. ائين لڳي ٿو بظاهر اقتدار هلائيندي نظر ايندڙن جون ڏورون ڪنهن پردي پويان ويٺل اصل طاقتور جي هٿن ۾ آھن. وفاق هجي يا صوبائي حڪومتون قانوني سسٽم کان علاوه هڪ ٻيو سسٽم مضبوطي سان مامرا هلائي رهيو آھي. هر قيمت تي اقتدار جي خواهش سبب اڪثر سياسي پارٽيون مجبوري جي زنجيرن ۾ مضبوطي سان جڪڙيل محسوس ٿي رهيون آھن. سياسي ڌرين جي هٿن مان گهڻو ڪجھ نڪري چڪو آھي ۽ جيڪي ڪجھ باقي مامرا بچيا آھن، اهي به انهن جي هٿن مان واري وانگر نڪرندا پيا وڃن، جنهن سوچ ۽ انداز کي اپنائي سياسي ڌريون هلي رهيون آھن. ان سان اهي ڪٿي وڃي پهچنديون بابت ته درست نموني وقت ئي ٻڌائيندو پر اهو طئه آھي ته ان انداز سان سياسي ڌريون مجبورين، سمجهوتن جي انهي چوڪ ۽ موڙ تي وڃي پهچنديون جتي رسوائي , شرمندگي , ۽ پسپائي کان سواء شايد ئي کين ڪجھ نظر اچي. اهڙي صورتحال ۾ عوامي مفاد گروهي مفادن مٿان حاوي ڪيئن ٿي سگهندا؟