ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي بجيٽ 26-2025: وفاقي بجيٽ ۾ سولر، تيل، شربت، گاڏيون، منرل واٽر، کير، ڪافي، چاڪليٽ، آن لائن سامان، ڏهي، آنا، سرنج، لگزري ايٽم مهانگا: داليون، ڀاڻ، گوشت سستا، پگهارن ۾ 10، پينشن ۾ 7سيڪڙو واڌ: دفاع لاءِ 2550 ارب مختص ڪيا ويا آهن، ان بجيٽ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي چيو ته بجيٽ ۾ غريب ماڻهو کي ڪو به رليف ناهي ڏنو ويو، سرمائيدارن، اميرن کي فائدو ڏنو ويو آهي، غريبن جي ٽينشن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، بجلي جي لوڊشيڊنگ هئڻ سبب عام ماڻھن سولر پينل استعمال ڪندا آهن انهن تي به ٽيڪس لڳائي عوام کي اونداهي دور ۾ موڪلڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ ڏهاڙيدار پورهيت لاءِ ڪو به پيڪيج ناهي ڏنو ويو، اصل ۾ ته بجيٽ جو فائدو بجيٽ ٺاھيندڙن کي ئي ٿيو آھي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته ھي بجيٽ نه اشرافيا لاءِ پيڪيج ۽ غريب مسڪينن لاءِ ٽيڪس ۽ تباھي جو تماشو ھو، طيب انقلابي لکيو ته اھيو غريب عوام لاءِ پيڪيج ناھي، تباھي جو تماشو قائم ڪيو پيو وڃي، جيئن حڪمران عيش ڪن ۽ عوام عذاب ۾ گذاري، علي رضا ٻرڙو لکيو ته بجيٽ ۾ عوام کي ڪوبه رليف ناهي مليو عوام جي حصي ۾ رڳو نوان ٽيڪس ئي آيا آهن، ماجد سمون به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، اسد زرداري لکيو ته وفاقي بچيٽ عوام دشمن بچيٽ آھي ھر شي تي ٽيڪس لڳايو ويو آھي غريب طبقي ڏهاڙيدار پورهيت کي ڪو به رليف ناھي مليو مختلف ادارن جي لاءِ اربين رپيا مختص ڪيا ويا آھن پر اهي فقط آفيسر شاهي کي فائدو ڏيندا انھي ۾ غريب عوام کي ڪو به فائدو نه ملندو سڀ ڪرپشن جي ور چڙھي ويندا بجيٽ مان نه ڪڏھن رليف مليو آھي نه وري ملندو، مسرور علي شاهاڻي لکيو ته هنن هميشه پاڻ کي فائدو ڏنو آ، ڪڏهن به عوام جي فائدي لاءِ نه سوچيو، هنن BISP ۾ تمام وڌيڪ بجيٽ رکي جڏهن ته تعليم لاءِ تمام گهٽ، هنن کي گهرجي ها ته عوام کي روزگار جي قابل بڻائڻ لاءِ ھنر ۽ تعليم جي شعبن ۾ زياده بجيٽ رکڻ کپي ها پر ان جي برعڪس هنن جا فيصلا آهن، جيڪي عوام کي سمجھه ۾ ئي نٿا اچن، عبدالله کوسو لکيو ته عوام کي ڪو به رليف ناهي، ايم شريف لکيو ته فارم 47 وارن جي حڪومت آهي، الياس سمون لکيو ته لٽ مار سڌي طرح سان عام زندگي سان آھي پيسي وارو وڌيڪ مظبوط غريب وڌيڪ غريب ٿي رهيو آھي ھن بجيٽ کان ٻڏڻ ڀلو آھي، شاهين سومرو لکيو ته غريبن جي ٽينشن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، گل محمد ڪيهر لکيو ته عوام کي ڪو به فائدو ناھي ھي بجيٽ به اميرن ۽ سرمائيدارن لاءِ فائديمند آھي باقي عوام ھميشه سورن ۾، ذوالفقار علي جسڪاڻي لکيو ته پورهيت جي لاءِ ڪو به فائدو نه ڪيو ويو ان بجيٽ ۾ ته پورھيت ويچارو ڪاڏي وڃي غريب کي ڪو به فائدو نه آهي، بجلي ۾ آءِ پي پيز سياسي ماڻهن جا اھا بجلي مهانگي ڪري فائدا به انهن کي سولر ڪمپنين جا مالڪ به اھي ان تي ٽيڪس ھڻي عوام کي بيوقوف بڻائي خوش ٿا ٿين يا ته ھمٿ ڪري سجاڳ ٿيو يا ته افسوس ئي ڪري ٿو سگهجي، راجا رميش لکيو ته ڳالھه سمجھه کان ٻاھر آھي اميرن جي پينشن ۾ اضافو غريبن جي ٽينشن ۾ اضافو، جاويد جان ڪيريو لکيو ته غريبن جي ٽينشن ۾ اضافو ڪيو ويو، الله وسايو سميجو لکيو ته اڃا رهيل ڪسر سنڌ حڪومت پوري ڪندي. عرفان علي ملاح لکيو ته مزدور ۽ ننڍن ملازمن جي زندگي جيئڻ مشڪل بڻجي وئي آهي ٻيو سڀ خير آهي، نقاش پيرزادو لکيو ته بجيٽ عوام دشمن آهي، موهن لال لکيو ته بجيٽ ۾ عوام کي ڪوبه رليف ناهي مليو، بجلي جي لوڊشيڊنگ هئڻ سبب عام ماڻھن سولر پينل استعمال ڪندا آهن انهي سولر تي حڪومت سبسڊي ڏيڻ بجاءِ ٽيڪس مڙهي عوام کي ويتر اونداھي ۾ داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، صدام ڀنڀرو لکيو ته عوام دشمن آهي بجيٽ، جيڪي شيون سستيون چون ٿا ٿينديون پر سستيون نه ٿينديون عمل ٿيو آهي ڪڏهن سرڪاري حڪم تي عمل ٿيو آهي جو هاڻي ٿيندو، مشرف علي مير به سروي ۾ حصو ورتو، ولي جمالي لکيو ته عوام ماٺ هنن جي مرضي. عبدالله جروار لکيو ته “ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري” بجيٽ آهي. عام استعمال جون سڀ شيون مهانگيون، ڳرا ٽيڪس لڳايا اٿن. هنن حالتن ۾ مشڪل سان غريب جي گهر جي چلھه ٻري سگهي ٿي. وسيم راحب مهر لکيو ته بجيٽ ناقابل قبول آهي، بابر سنڌي لکيو ته عوام دشمن بجيٽ آهي، هدايت الله تنيو لکيو ته نامنظور، فرمان علي به بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏنو، فقير تنيو به سروي ۾ حصو ورتو، علي مراد لاشاري لکيو ته مڪمل طور عوام دشمن بجيٽ آھي، هميشه اشرافيه کي خوش ڪرڻ لاءِ مظلوم عوام کي ئي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويندو آهي، ريجهومل ميگهواڙ لکيو ته بس اسان کي اٽو لٽو اجھو پ پ وارن ڏئي ڇڏيو آھي اسان کي صرف دفاع کپي عوام وڏي امير آھي پئي لوڙيندي، طارق حسين به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، عابد ڪيريو لکيو ته هن جمهوريت کان ته مشرف جي ڊڪٽيٽرشپ بهتر هئي، محمد اسلم لکيو ته جڏهن سالياني بجٽ پيش ٿيي آهي اميرن کي اتساهه مليو آهي باقي ته غريب بي پهچ ڏهاڙيدار پورهيت طبقي کي ڪوبه خاطرخواه رليف پاڪستان جي تاريخ ۾ نه مليو آهي، ممڪن آهي عوام دوست بجٽ پيش ڪئي به کڻي پر مختلف ادارن جي لاءِ اربين رپيا رکيا ويندا انهي مان عوام کي فائدو نه ٿيندو، الهڏنو راهمون به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالستار انڙ لکيو ته بجيٽ کي “عوام مڪائو” بجيٽ ڪوٺيو ويو آهي تنهنڪري هن تي ڪو خاص بحث ڪرڻ يا ٿيڻ نه گهرجي، هاڻي پگهارن ۾ ڏھ سيڪڙو واڌ مذاق برابر آهي، وفاق اڃا به ڊسپيرٽي ريڊڪشن الائونس ڏيندو، چاليھه سيڪڙو اضافو ٿيندو، الله خير ڪري سنڌ جي ملازمن جو، خاص ڪري استادن جو، ياد رکو ته پڙهيل لکيل طبقي جو ٻاهر ملڪ وڃڻ جو مک ڪارڻ ٽيڪس آهي، سرمد عباسي لکيو ته ڏھه سيڪڙو واڌ ته سولر، تيل، شربت، گاڏيون، منرل واٽر، کير، ڪافي، چاڪليٽ، آن لائن سامان، ڏهي، آنا، سرنج، لگزري ايٽمن جي مھانگي ٿيڻ سان ئي دُڦ ٿي وئي. سمجهو ته ھزارين رپيا وڌيڪ ڳچيءَ ۾ پئجي ويا.داليون، ڀاڻ،گوشت ۽ ڪجهه ٻيون شيون سستيون ٿيون آھن ته انهن اسمن تي حڪومت جو ڪنٽرول ڪڏھن ڏسڻ ۾ ئي ڪونهي آيو.سو ان جو ثمر عوام تائين پھچندو ئي ڪو نه.دڪاندار سدائين وانگر پنھنجي دل پسند اگهه تي ئي وڪڻندو. اصل ۾ ته بجيٽ جو فائدو بجيٽ ٺاھيندڙن کي ئي ٿيو آھي.جن شين جا اگهه وڌيا ۽ گهٽيا آھن سي ته اڳي ئي انهن لاءِ مفت آھن.منير خان سومرو لکيو ته ھن بجيٽ ۾ منسٽرن جي پئسن ۾ اضافو ٿيو، ۽ غريبن جي ٽينشنن ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو مزدور ۽ پينشنر غريب طبقي لاءِ ڪا به سهولت ناهي ڏني وئي، علي نواز لوهر لکيو ته عوام دشمنيءَ ۾ ھن حڪومت ڪا ڪسر ناهي ڇڏي اھو پھريون دفعو نه آهي، جبار علي ابڙو لکيو ته روز جي ڏهاڙي ڪمائڻ وارن جي ڪير سار لهندو ؟ هي بجيٽ عوام دوست نه پر عوام دشمن بجيٽ آهي. خدارا ! روز جي ڏهاڙيدار وارن کي بجيٽ ۾ ڪو رليف ڏنو وڃي. سميع الرحمان لکيو ته حڪومت صرف وزير اعظم ھائوس جي تمام گهڻي بجيٽ رکي ٻين ملازمن جون 300 سيڪڙو پگھار وڌي ھتي غريب ملازمن جي 6 يا 7 سيڪڙو پگھار وڌائي ڪھڙو ٿورو ڪيو اٿن ان کان ڀلو آ ته نه وڌائن ها، عنايت چانڊيو لکيو ته هي بجيٽ مڪمل عوام دشمن بجيٽ آهي عوام کي ڪا اميد رکڻ بجاءِ وڌيڪ تڪيلفن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي، زاهد حسين زرداري لکيو ته ھنن کي پنهنجو فائدو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جئين ته وڏن ماڻهن جي لاءِ گھڻي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، غريبن کي ڪو به رليف ناهي، ڪشور لکيو ته کير ۽ ڏهي حڪومت ڪيئن مهانگا ڪندي اهو خالص لوڪل وڪڻڻ وارن جو ڪم آهي. اها خبر ايندي ئي سڀ مهانگا ڪري ڇڏيندا، اسد خاصخيلي لکيو ته هي شهباز سرڪار جي آخري بجيٽ آهي انشاءَالله ٻيهر بجيٽ ڪنهن ٻئي گورنمينٽ جي ٿي سگهي ٿي، علي به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالسبحان سنڌي لکيو ته هي بجيٽ رڳو دفاعي بجيٽ هئي باقي سڀني جا کيسا خالي ٿيندا، گل حسن شر لکيو ته ھي بجيٽ قصو شين کي اڳتي پوئتي ڪيو ويو آھي باقي ڪل خير آ پگھارون پينشنون به وڌايون ويون باقي عام خلق لاءِ بجيٽ ۾ ڇا ھيو جيڪي غربت جي لڪير کان به ھيٺ پيا زندگي گذارين انھن لاءِ ڇا آهي؟ ڪجھه به نه ھي ته سراسر زيادتي آھي ناانصافي آھي، عبدالرحمان به سروي ۾ حصو ورتو، قربان ميراڻي لکيو ته ھي بجيٽ حڪمران طبقي لاءِ آهي عوام دشمن بجيٽ آهي، ديوان ولاسائي لکيو ته ھي بجيٽ ائين آھي غريب ڄمڻ کان اڳ مري ويو ۽ امير مرڻ کان پوءَ به زنده آھي، گلشير سومرو لکيو ته هي بجيٽ مڪمل عوام دشمن بجيٽ آهي عوام کي ڪا اميد رکڻ بجاءِ وڌيڪ تڪيلفن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي، اصغر حسين لکيو ته غريبن جي ٽينشن ۾ اضافو ڪيو ويو، محمد علي ميراڻي لکيو ته هنن هميشه پاڻ کي فائدو ڏنو آ، ڪڏهن به عوام جي فائدي لاءِ ناهي سوچيو، بي آءِ ايس پي لاءِ وڌيڪ بجيٽ رکي وئي، تعليم لاءِ گهٽ بجيٽ رکي وئي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن ها پر ايئن نه ڪيو ويو، نظير احمد چانڊيو لکيو ته بجيٽ ۾ عوام کي ڪوبه ريليف ناهي مليو، بجلي جي لوڊشيڊنگ هئڻ سبب عام ماڻھن سولر پينل استعمال ڪندا آهن انهي سولر تي حڪومت سبسڊي ڏيڻ بجاءِ ٽيڪس مڙهي عوام کي ويتر اونداھي ۾ داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سجاد حسين ويسر لکيو ته عوام دشمن آهي بجيٽ، جيڪي شيون سستون چون ٿا ٿينديون پر سستون نه ٿينديون عمل ٿيو آهي ڪڏهن سرڪاري حڪم تي عمل ٿيو آهي جو هاڻي ٿيندو، عبدالله خان، عبدالباسط به سروي ۾ حصو ورتو.